Wednesday , April 24 2024

بلاول ڀٽو زرداري جي خطاب جي موقعي تي فيض گنج واسين جو احتجاج

فيض گنج( رپورٽر سنڌ سماءَ چار) فيض گنج ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هولوگرام ذريعي خطاب واري موقعي تي علائقي واسين جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڪامريڊ مرتضيٰ شر، عبدالباقي شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ فيض گنج کي ٻارڻ واري گئس جي فراهمي لاءِ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪندڙ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زردارجي 10 سالن جي صوبائي حڪومت ۽ 5 سالن دوران وفاقي سرڪار بنيادي انساني ضرورتن کان وانجهيل رکيو آهي. هنن چيو ته اڄوڪي جديد دور ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي به مهيا نه پيو ڪيو وڃي. فيض گنج کي گئس جي سهولت به مهيا نه پئي ڪئي وڃي. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته، فيض گنج واسي گذريل ڪيترن ئي سالن کان گئس جي سهولت لاءِ احتجاجي تحريڪ هلائي رهيا آهيون پر حڪمرانن ۽ لاڳاپيل چونڊيل عوامي نمائندن جي ڪن تي جونءَ به ناهي چُري، جنهن مان سندن عوامي هجڻ واري دعويٰ ظاهر ٿي پئي آهي ته سندن عوامي مسئلن ڏانهن ڪيترو ڌيان آهي. هنن چيو ته، فيض گنج ۾ اڄ رات بلاول ڀٽو زرداري هلوگرام ٽيڪنالاجي ذريعي خطاب ڪيو، پر کيس پنهنجا اڳواڻ آگاهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهن ته هن جديد ٽيڪنالاجي واري دور ۾ فيض گنج جي شهرن پڪاچانگ، اڪري، ڪرونڊي، ڀنگوبهڻ، حسين پاتو سميت سوين ڳوٺ گئس جهڙي بينادي سهولتن کان محروم آهن. پورهيت طبقو روزانو هڪ سئو رپين جون ڪاٺين وٺڻ کان لاچار بڻيل آهن. هنن چيو ته، ڪاٺين تي رڌپچا جي نتيجي ۾ عورتون چمڙي، اکين سميت ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويون آهن. اڳواڻ جديد دور ۾ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪن پر ترقياتي ڪمن لاءِ ايندڙ بجيٽ سندن نمائندن هڙپ ڪري ڇڏي آهي، سنڌ حڪومت پئسا ناهن ته فيض گنج جي شهرن کي گئيس ڏيارڻ لاءِ لاڳاپيل اختيارين گئس جا پئسا جمع ڪرايا وڃن، هنن بلاول ڀٽو کان گهر ڪئي ته هلوگرام خطاب ۾ فيض گنج جي شهرن کي گئس ڏيارڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي پابند بڻائي، ٻي صورت ۾ پيپلزپارٽي ايندڙ اليڪشن ۾ عام ماڻهن جي اٿندڙ سوالن کي منهن نه ڏئي سگهندي.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *