Tuesday , March 19 2024

بلاول ڀٽو زرداري جو گووا ۾ هٿ جوڙي کيڪارڻ؛ چاڪيءَ جا ڏاند ۽ سنڌ – اصغر آزاد

بلاول ڀٽو زرداري جو گووا ۾ هٿ جوڙي کيڪارڻ؛ چاڪيءَ جا ڏاند ۽ سنڌ – اصغر آزاد

واضح ڪري ڇڏيان ته منهنجي دوستين، مٽين مائٽين، دنياداري جي لڳ لاڳاپن جو محور سنڌ، سنڌي قوم، سنڌ جي وحدت ۽ سنڌي قوم جي مڙني حقن جو تحفظ آهي. ان لاءِ جيڪو وت ۽ وسُ هيو، آهي ۽ رهندو اُن آڌار تي ساهه جي سَڳي ڇڄڻ تائين قائم رهڻ جي هرممڪن ڪوشش ڪندس.

سنڌي يوٿيو هجي، جيالو، ليگلو يا ڪو به پارليامينٽيري سياست ڪندڙ؛ چاڪي جي ڏاندن جهڙا ئي آهن، جِن جو مرڪز اسٽبلشمينٽ جي خوشنودي حاصل ڪرڻ جي چوڌاري ڦرندو آهي. هن وقت به انهن مان هڪڙا ان بلاول زرداري ( چاڪي جي ڏاند) جي مخالفت ڪن ٿا جيڪو ڀارت جي گووا واري ڪانفرنس ۾ هٿ ٻڌي سلام/نمستي ڪري آيو آهي، ٻيا سندس پوئلڳ ان جي حمايت ۽ مخالفت ڪندڙن خلاف هُل ڪري رهيا آهن، ٽيان وري آهن ته ٻنهي جا مخالف پر هنن کي  بلاول زرداري تي ٿيندڙ تنقيد جو دفاع/ حمايت انڪري ڪري رهيا آهن ته هُو سنڌي آهي، هن جيڪو گووا ڪانفرنس ۾ ڀارتي پرڏيهي وزير کي هٿ ٻڌي سلام/نمستي ڪيو آهي اُها سنڌ ۽ سنڌين جي ثقافت آهي.ڪڏهن وري ان جا حمايتي #زرداري_زده #پيپلزپارٽي_زده دانشور هڪ چوڻي ته “پنهنجو ماري وري به لاش ته ڇانوَ ۾ ڦٽو ڪندو” ۽ ان جهڙا ٻيا ناڪارا، غير انساني، غير اخلاقي ۽ قاتلاڻي ذهنيت جا ڪنهن نه ڪنهن انداز حمايتي ۽ ڀرجهلا آهن۾ حمايت ڪندي واءُ مينهن لڳا پيا هوندا آهن. انهن جي ڪوشش هوندي آهي ته سنڌ اندر سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن تي اسٽبلشمينٽ جي ڇانوَ ۾ پيپلزپارٽي پاران ٿيندڙ ڪَلورن تي اُٿندڙ هر آواز کي ڪنهن نه ڪنهن  طريقي سان دٻايو وڃي، اهڙا معاملا واچوڙن جيان کڙا ڪيا وڃن جن جي لامارن ۾ ڪجهه وقت لاءِ ئي صحي پر پيپلزپارٽي ۽ ان جي قيادت، سهولتڪارن ۽ حمايتن تي (ياد رکڻ گهرجي تي آءُ جتي به پيپلزپارٽي جي ڪرتوتن جي ڳالهه ڪندور رهندو آهيان اُتي اسٽبلشمينٽ ان کان ڌار ناهي هوندي) ٿيندڙ تنقيد ڪجهه هلڪي ٿي پئي. افسوس ان ڳالهه جو ٿيندو آهي ته هُو ان ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن. سماجي رابطن جي رابطن فيس بڪ ۽ ٽويٽر سميت ٻين فورمن تي وڃي ڏسو توهان کي اندازو ٿي ويندو.

هن ملڪ توڙي سنڌ جي حڪومت هجي يا مخالف ڌر، عدليا هجي پوليس توڙي وفاقي ۽ صوبائي اسٽبلشمينٽ اُهي ڪڏهن به سنڌ جي حقيقي مسئلن جي حل يا حل ڪرڻ جي ڪوشش تي ڌيان ڏيڻ ئي ناهن چاهيندا. ٻيو ته ٺهيو پر هن ملڪ جي عدليا جو زبردستي گمشدگين ۽ عدليا کان مٿانهين گرفتارين ۽ گمشدگين وارا ڪيس کڻي ڏسو هن ملڪ جي “اشرافيائي عدليا”، ۾ هلندڙ  کوڙ سارن ڪيسن کي2012 تائين مان پاڻ رپورٽر جي حيثيت ۾ رپورٽ ڪندو رهيوآهيان، ان بعد به اهڙن ڪيس بابت خبر چار پوندي رهندي آهي؛ انهن ڪيسن ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ توڙي سپريم ڪورٽ (ڪراچي رجسٽري) ۾ عدليا سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ته رڳو ايم ڪيو ايم ۽ مختلف جهادي تنظيمن جي ڪيس ۾ ئي ڪيو، حالانڪه انهن ڪيس سان ڪجهه گڏ ته ڪجهه الڳ سان سنڌ جي گم ڪيل سياسي ڪارڪنن جا ڪيس به هلندڙ آهن، انهن تي ڪو به اهڙُ سخت حڪم ناهي آيو. ها سياسي ڪارڪنن جي مسنگ جي شروعاتي ڪيسن جن ۾ سليم بلوچ ۽ شايد رئوف ساسولي جي گمشدگي وارن ڪيسن ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جا انتهائي سخت رمارڪس، هدايتون ۽ حڪم هئا ۽ منهنجي نظر ۾ انهن جو ڪارڻ انهن جي وڪيل محترمه نور ناز آغا مرحومه (جنهن کي مان پڦي سڏيندو هيس) هئي.

چوڻ جو مقصد آهي ته هن ملڪ اندر سنڌ ۽ سنڌي قوم جي حقن جي تحفظ لاءِ ڪو به پروگرام نظر نه ٿو اچي، هتي رڳو انهن جي حقن جو تحفظ ٿي رهيو  آهي جيڪي 90 ڊگري تي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن، انهن جي حقن، حقيقي حق حڪمراني، هڪ هاري جي پاڻي جي واري کان وٺي وفاقي توڙي صوبائي ترقياتي منصوبن، قدرتي آفتن کان بچاءَ، آفتن جي صورت ۾ ٿيندڙ نقصانن کي روڪڻ، آفتن ۽ مصيبتن کان پوءِ انهن جي ٻيهر بحالي لاءِ ڪا به رٿابندي ناهي، جي آهي ته انهن جي نالي تي فنڊز پنهنجا نوازي، ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ بليڪ ميلنگ جي هٿيار طور استعمال ڪرڻ لاءِ ئي استعمال ڪيا وڃن ٿا.

ان لاءِ ضروري آهي ته اسان کي سڀ کان اول ۽ آخر سنڌ، سنڌ جي وحدت، سنڌي ماڻهن جي تاريخي، ثقافتي حقن جي تحفظ لاءِ ئي مِڙي مُٺ ٿي جدوجهد ڪرڻ گهرجي، انفرادي طور جيڪو به ماڻهو جتي به آهي، اُهو ان ئي پليٽفارم تي پنهنجي پنهنجي وت ۽ وس آهر پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهي؛ سندس محنت ڪڏهن به زيان نه ٿيندي، تاريخ ۾ قومن جا کوڙ سارا  گمنام هيروز موجود آهن، جيڪي ڪنهن ڪنهن انداز ۾ ڀلي محدود پئماني تي ئي صحي پر ماڻهن جي دلين ۾ موجود هجن ٿا؛ ٻيو ته جڏهن نيڪ نيتي سان پنهنجي ڌرتي ۽ قوم لاءِ بنا لالچ جي ڀلي انفرادي حيثيت ۾ ئي ڪم ڪبو ته اُهو ڪٿي نه ڪٿي اجتماعي صورت به اختيار ڪري وٺندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *