Friday , April 19 2024

بلاول جي ترجمان مصطفيٰ نواز کوکر جو چاچو ۽ ملڪ رياض جو ويجهو ساٿي گرفتار

بلاول جي ترجمان مصطفيٰ نواز کوکر جو چاچو، آصف زرداري، ملڪ رياض ۽ رحمان ملڪ جو ويجهو ساٿي گرفتار

اسلام آباد(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) اسلام آباد ۽ راولپنڊي پوليس، بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان مسطفيٰ نواز کوکر جي چاچي امتيازعرف تاجي کوکر کي 20 ساٿين سوڌو گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته تاجي کوکر ڏوهارين جي ٽرپل ٿري ” 333“ گينگ هلائيندو هو،  ذريعن دعويٰ  ڪئي آهي ته تاجي کوکر ملڪ رياض جو ويجهو ساٿي آهي، جيڪو هن لاءِ زبردستي ملڪيتون خريد ڪندو رهيو آهي. اسلام آباد مان  مليل خبرن مطابق پوليس ڳجهي اطلاع تي راولپنڊي ۾ ڪارروائي ڪري ٽڙپل ٿري جي نالي سان مشهور ڏوهارين جي ٽولي جا 20 ڄڻا گرفتار ڪري ورتا آهن، سي ٽي ڊي پوليس جو چوڻ آهي ته گرتار ڪيلن ۾ امتياز عرف تاجي کوکر به شامل آهي، جيڪو اسلام آباد سميت پنجاب جي مختلف علائقن ۾ ٽرپل ٿري جي نالي سان ڏوهارين جي گينگ هلائيندو آهي.

امتياز عرف تاجي کوک، پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر مرحوم حاجي محمد نواز کوکر جو ڀاءُ ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر جو چاچو آهي. امتياز عرف تاجي کوکر بابت معلوم ٿيو آهي ته، سندس، اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ زمينن تي قبضا ڪري رڪارڊ تبديل ڪرائڻ طور مشهور بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض جي ويجهن دوستن مان هڪ آهي. تاجي کوکر جا لال مسجد واري مولانا عبدالعزيز سان ويجها لاڳاپا هئا. ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته، تاجي کوکر جا جي يو آءِ (سميع الحق) جي سربراهه مولانا سميع الحق سان ويجها لاڳاپا هئا، تاجي کوکر لاءِ مشهور آهي ته هي ملڪ رياض لاءِ زمينن تي قبضا ڪرڻ يا زبردستي زمينون خريد ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندو آهي، جيڪو ڪم سندس کاٻي هٿ جي راند آهي. تاجي کوکر کي راولپنڊي ۽ اسلام آباد جو ڊان به چيو وڃي ٿو. هي همراهه وري ٻهروپو ٿي سماجي ڪمن ۾ رڌل رهندو آهي، تاجي کوکر آخري ڀيرو هڪ عورت جي قتل ڪيس ۾ 20 يا 21 اپريل 2017 تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان ضمانت تي آزاد ٿيو هو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *