Friday , March 29 2024

برسات ۽ برفباري بلوچستان، فاٽا ۽ ڪي پي ۾ تباهي مچائي ڇڏي

ڪوئيٽا/پشاور (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) گذريل ڪجهه ڏينهن کان بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ فاٽا جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان جاري تيز برسات ۽ برفباري تباهي مچائي ڇڏي آهي، نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي موجب بلوچستان ڪي پي ڪي ۽ فاٽا ۾ مجموعي طور تي تيز برساتن سبب 15 ڄڻن جي فوت ٿيڻ، 31 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ ۽ ڪيترن ئي گهرن جي متاثر ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي. گذريل ڪجهه ڏينهن کان اسلام آباد، مري، ناران، ڪاغان، استور سميت اترين علائقن ۾ وقفي وقفي سان لاڳيتو برسات ۽ برفباري جو سلسلو جاري آهي.لاهور،اسلام آباد، گوجرانواله، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، ميانوالي، رحيم يار خان، اٽڪ ۽ ٻين شهرن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آحي ته بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پاڪ فوج ۽ ايف سي امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ويون آهن. پاڪ فوج جي هيليڪاپٽرز ۽ ٻين ذريعن سان 3500 ماڻهن کي ريسڪيو ڪري محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري کين رهائش سميت کاڌي خوراڪ جي سهولت به مهيا ڪئي وئي آهي.

بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ شديد برساتن ۽ برفباري جي نتيجي ۾ ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، جتي ڪيترن ئي علائقن جو رابطو ڪاٽا ٿي ويو آهي. پاڻي ۾ لڙهي وڃڻ ۽ گهرن جون ڇتيونن ڪرڻ سميت مختلف واقعن ۾ ۽ حادثن ۾ بلوچستان  ۽ ڪي پي جي مختلف علائقن ۾ 3 ٻارڙين سميت 15 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. مختلف حادثن ۾ نينگريون فوت ٿي ويون ۽ 5 زخمي ٿي پيون.  برسات ۽ برفباري جو سبب بڻجندڙ نظام بلوچستان جي ڏکڻ اولهه ۽ اترين علائقن ۾ پنهنجو اثر ڏيکاري رهيو آهي، ڪوئيٽا، زيارت ۽ قلعا عبدالله ۾ ٻن ڏينهن کان شديد برسات ۽ برفباري جو سلسلو جاري آهي. خانوزئي جي علائقي کاڻ مهترزئي ۾ ٻن ڏينهن دوران ڏيڍ فوٽ برف پئجي چڪي آهي. اهڙي نموني ڪوئيٽا ۽ زيارت سميت مختلف علائقن ۾ به برسات ۽ برفباري جاري آهي. شديد برسات ۽ برفباري سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.  چمن ۾ ٻن ڏينهن کان ٿيل برسات کانپوءِ بجلي ۽ انٽرنيٽ سروس معطل ٿي وئي آهي. بلوچستان جي علائقي عبدالله ۾ پهاڙي علائقن مان ايندڙ ٻوڏ سبب شهر جو رابطو مڪمل طور ڪاٽا ٿي ويو آهي، زميني رابطو ڪاٽا ٿيڻ سبب شهري مڪمل طور محدود ٿي ويا آهن. ٻوڏ سبب شهر پاڻي ۾ ٻڏي ويو ۽ ڪيترائي گهر مڪمل طور ڊهي ويا آهن.حب،اوٿل، وند، لسٻيلي ۾ به تباهي آئي آهي. مارچ ۾ ڪوئيٽا ۾ برفباري ٿيڻ سان 20 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو، شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي. رات کان هيل ڪوئيٽا ۾ 2 فٽ کان وڌيڪ برفباري ٿي چڪي آهي. چمن ۽ ڪوئيٽا ۾ برفباري جو سلسلو جاري آهي.چمن ۾ شديد برساتن سبب اتراوڀر بلوچستان جو سنڌ، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي. ڪيتريون ئي مسافر بسون مهتزئي ۾ ڦاٿل آهن،اتروزيرستان ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 3 ٻار دٻجي فوت ٿي ويا، 8 ڄڻا زخمي ٿي پياٻئي پاسي  بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال جي هدايتن تي صحت جي بنيادي مرڪزن کي عارضي شيلٽر هومز قرار ڏنو ويو آهي.

ڪيترن ئي علائقن جو رابطو ڪاٽا ٿي ويو آهي. پاڻي ۾ لڙهي وڃڻ ۽ گهرن جون ڇتيونن ڪرڻ سميت مختلف واقعن ۾ ۽ حادثن ۾ بلوچستان  ۽ ڪي پي جي مختلف علائقن ۾ 3 ٻارڙين سميت 15 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. مختلف حادثن ۾ نينگريون فوت ٿي ويون ۽ 5 زخمي ٿي پيون.  برسات ۽ برفباري جو سبب بڻجندڙ نظام بلوچستان جي ڏکڻ اولهه ۽ اترين علائقن ۾ پنهنجو اثر ڏيکاري رهيو آهي، ڪوئيٽا، زيارت ۽ قلعا عبدالله ۾ ٻن ڏينهن کان شديد برسات ۽ برفباري جو سلسلو جاري آهي. خانوزئي جي علائقي کاڻ مهترزئي ۾ ٻن ڏينهن دوران ڏيڍ فوٽ برف پئجي چڪي آهي. اهڙي نموني ڪوئيٽا ۽ زيارت سميت مختلف علائقن ۾ به برسات ۽ برفباري جاري آهي. شديد برسات ۽ برفباري سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.  چمن ۾ ٻن ڏينهن کان ٿيل برسات کانپوءِ بجلي ۽ انٽرنيٽ سروس معطل ٿي وئي آهي. بلوچستان جي علائقي عبدالله ۾ پهاڙي علائقن مان ايندڙ ٻوڏ سبب شهر جو رابطو مڪمل طور ڪاٽا ٿي ويو آهي، زميني رابطو ڪاٽا ٿيڻ سبب شهري مڪمل طور محدود ٿي ويا آهن. ٻوڏ سبب شهر پاڻي ۾ ٻڏي ويو ۽ ڪيترائي گهر مڪمل طور ڊهي ويا آهن.حب،اوٿل، وند، لسٻيلي ۾ به تباهي آئي آهي. مارچ ۾ ڪوئيٽا ۾ برفباري ٿيڻ سان 20 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو، شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي. رات کان هيل ڪوئيٽا ۾ 2 فٽ کان وڌيڪ برفباري ٿي چڪي آهي. چمن ۽ ڪوئيٽا ۾ برفباري جو سلسلو جاري آهي.چمن ۾ شديد برساتن سبب اتراوڀر بلوچستان جو سنڌ، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي. ڪيتريون ئي مسافر بسون مهتزئي ۾ ڦاٿل آهن،اتروزيرستان ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 3 ٻار دٻجي فوت ٿي ويا، 8 ڄڻا زخمي ٿي پياٻئي پاسي  بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال جي هدايتن تي صحت جي بنيادي مرڪزن کي عارضي شيلٽر هومز قرار ڏنو ويو آهي.

 اين ڊي ايم اي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته خيبر پختونخواهه صوبي ۾ پهرين مارچ کان 3 مارچ تائين پيل تيز برساتن سبب 2 ڄڻا فوت ۽ 10 زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته ڪي پي ڪي صوبي ۾ 33 گهر ڪري متاثر ٿيا آهن. اهڙي ريت فاٽا ۾ برساتن سبب 4 ڄڻا فوت ۽ 13 ڄڻا زخمي ٿيا آهن، فاٽا ۾ 4 گهر متاثر ٿيا آهن. اين ڊي ايم اي جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب تيز برساتن سبب بلوچستان ۾ 9 ڄڻا فوت، 8 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. بلوچستان ۾ 500 گهر متاثر ٿيڻ بابت صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي تصديق ناهي ڪئي، بلوچستان صوبي اندر متاثر گهرن بابت ضلعي انتظاميا انگ اکر گڏ ڪري رهي آهي، جنهن بعد بلوچستان ۾ متاثر گهرن جو تعداد سامهون اچي ويندو.

.

www.sindhsamaachar.com

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *