Thursday , March 28 2024

بحريا ٽائون ڪراچي غير قانوني قرار، پلاٽن، فليٽس ۽ بنگلن جي وڪري ۽ خريداري تي به پابندي

اسلام آباد (رپورٽر  سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ بحريا ٽائون ڪراچي کي الاٽ ڪيل زمين ۽ متبادل طور تي الاٽمينٽ کي غير قانوني قرار ڏيندي ان جي سمورين ملڪيتن جي خريداري ۽ وڪري تي پابندي مڙهيندي نيب کي هدايت ڪئي آهي ته هڪ مهيني اندر سموري معاملي جي جاچ ڪري ريفرنس تيار ڪيو وڃي.

سپريم ڪورٽ جي جسٽس، اعجاز افضل، جي سربراهي ۾ قائم ٽي ميمبرن واري بئنچ، بحريا ٽائون ڪراچي کي الاٽ ڪيل زمينن بابت ڪيس جو فيصلو ٻڌايو. فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ ملير ڊولپمنيٽ اٿارٽي ۽ بحريا ٽائون وچ ۾ زمينن جي تبديل، وڪري ۽ ٻين لاڳاپيل سمورن معاملن کي غير قانوني پڻ قرار ڏنو آهي. عدالت نيب اختيارين کي حڪم جاري ڪندي هدايت ڪئي آهي ته بحريا تائون کي ڏنل زمينن ۽ متبادل طور الاٽ ڪيل زمينن وارن معاملن بابت ريفرنس تيار ڪري ڪارروائي ڪئي وڃي. فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار کي سفارش ڪئي آهي ته ڊي ايڇ اي سٽي کي الاٽ ڪيل يا وري متبادل طور زمينن جي منتقلي واري معاملي جو نوٽيس وٺي رپورٽ طلب ڪئي وڃي.

عدالت چيف جسٽس آف پاڪستان کي درخواست ڪئي آهي ته ان معاملي تي هڪ ڪميشن جوڙي وڃي. سپريم ڪورٽ اسلام آباد تخت پري علائقي ۾ به بحريا ٽائون کي ٻيلن ۾ حددخلين جو ذميوار قرار ڏنو آهي ۽ بحريا ٽائون کي حڪم ڏنو آهي ته مري هائوسنگ سوسائٽي ۾ فوري طور تي ڪم روڪيو وڃي. عدالت ٻيلي کاتي، روينيو کاتي ۽ سروي آف پاڪستان کي حڪم ڏنو آهي ته اسلام آباد جي تخت پري علائقي جي ٻيهر حد مقرر ڪئي وڃي، جڏهن ته ٻيلي کاتي ۽ بحريا ٽائون کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هڪ مهيني اندر رپورٽ سپريم ڪورٽ بئنچ ۾ جمع ڪرائي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *