Friday , March 29 2024

بحريا ٽائون کي زمين چاندي جي اگهه تي سون ڏيڻ برابر آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته، بحريا ٽائون کي زمين ڏيڻ ۾ ڌوکيبازي ڪئي وئي ۽ اها زمين چاندي جي اگهه ۾ سون ڏيڻ جي برابر آهي، بحريا ٽائون چاندي ڏئي ڪري سون ورتو، بحريا ٽائون جي وڪيل اعتراف ڪيو آهي ته ايم ڊي اي جي 18 هزار ايڪڙن کان وڌيڪ زمين سندس موڪل کي ڏني وئي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ بئنچ بحريا ٽائون جي نظرثاني واري درخواست تي شنوائي ڪئي، ٻڌڻي دوران بحريا ٽائون جو سربراهه ملڪ رياض، سينئر وڪيل اعتزاز احسن، وڪيل علي ظفر ۽ ٻيا موجود هئا.

شنوائي دوران بحريا ٽائون جي وڪيل علي ظفر چيو ته بحريا ٽائون وٽ ملير ڊيولپمنٽ اٿارٽي جي 18 هزار ڪينال  زمين آهي، بحريا ٽائون 5 ارب ڏيڻ لاءِ تيار آهي ۽ وڌيڪ قدم به کڻندو. ان تي چيف جسٽس چيو ته توهان بحريا ٽائون جي جهاز ۾ گهمي رهيا آهيو ۽ توهان جهاز کي ٽيڪسي بڻايو آهي، ان تي علي ظفر چيو ته توهان هرجاڻو طئي ڪريو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اسان عملدرآمد بينچ آهيون، ان کان هڪ پئسو گهٽ نه ٿيندو، جيڪڏهن ڏئي نٿا سگهون ته ميرٽ تي بحث ڪريو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته توهان تي ڏنڊ وجهون ٿا، هزار ارب ڏئي ڇڏيو، جنهن تي ملڪ رياض چيو ته بحريا ٽائون ۾ ٽوٽل سرمايو 437 ارب رپيا آهن، هزار ارب رپيا ڪٿان ادا ڪندس.

ڪيس جي شنوائي دوران بحريا ٽائون جي وڪيل اعتزاز احسن چيو ته، عدالت جي 184 (3) واري اختيار کان اڪثر پڙهيا لکيا ماڻهو ب ه بيخبر آهن ۽ انهن کي ان اختيار بابت خبر ناهي. جنهن تي چيف جسٽس وراڻيون ته، پارليامينٽ سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادي نوٽيس بابت آئين ۾ ترميم آڻڻ چاهني ٿي پر ائين ڪري نه ٿهو سگهجي. بحريا ٽائون جي وڪيل اعتزاز احسن عدالت  کي درخواست ڪئي ته،عدالت پاڻ ئي، پاڻمرادي نوٽيس واري قانون جي شق 184 (3) مطابق پنهنجي قائدن ۽ ضابطن ۾ پاڻ تبديلي ڪري. هن چيو ته، پاڻمرادي نوٽيس جي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ بدران ان ئي فيصلي جي خلاف اپيل داخل ڪرڻ جو حق هجڻ گهرجي.جنهن تي چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏنا ته، جن جي زمينن سميت ٻين معاملن جا کاتا کلڻ وارا آهن اهي ماڻهو ئي سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادي اختيارن مان تنگ آهن ۽ سخت پريشاني جي ور چڙهيل آهن. چيف جسٽس اعتزاز احسن کي مخاطب ٿيندي چيو ته، اوهان پنهنجيطاقت جو استعمال ڪيو ۽ پارليامينٽ جي 184 (3) واري آئيني ترميم کي واپس ڪرايو. پارليامينٽ پنهنجو اختيار استعمال ڪري ڏسي ته ان کي اهو اختيار هيو به يانه.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *