Friday , March 29 2024

بحريا ٽائون خلاف ڌرڻو، پوليس پرامن احتجاج ڪندڙن مٿان ڏمرجي پئي، عورتن ۽ ٻارڙن سميت ڪيترائي زخمي

ڪراچي(رپورٽ: آفاق ڀٽي    سنڌسماءَچار) سنڌ ايڪشن ڪيٽي جي سڏ تي ملير ۾ سنڌ جي قديمي سنڌي وسندين تي بحرياٽائون جي والار خلاف بحرياٽائون جي مک دروازي آڏو ڌرڻو، سڄي سنڌ مان ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پيو، بحريا ٽائون سميت سنڌ جي زمينن تي والار خلاف اُڀ ڏاريندڙ نعريبازي، پوليس احتجاج ڪندڙن مٿان ڏمرجي پئي، ڳوڙها آڻيندڙ گئس، لٺ بازي، هوائي فائرنگ ۽ رٻڙ جي گولين جو استعمال، هڪ سئو کان وڌيڪ، عورتون، ٻار ۽ مرد زخمي ٿي پيا، ڪيترائي بيهوش، شرپسندن جي ڀڃ ڊاهه ۽ بحريا ٽائون جي اندر عامرتن ۽ شور رومز کي باهيون ڏئي ساڙي ڇڏيو، ڌرڻي ۾ مردن سان گڏ وڏي انگ ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جي به ڌرڻي ۾ شرڪت.

سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي سڄي سنڌ مان قومپرست ڪارڪنن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ عام شهرين جا قافلا بحريا ٽائون جي گيٽ اڳيان پهچي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي، ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن سنڌي وسندين تي والار نامنظور، بحريا ٽائون نامنظور، سنڌ جي زمينن تي قبضا نامنظور جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا هڻندا رهيا. ڌرڻي ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سرواڻ جلال محمود شاهه، ڊاڪٽر قادر مگسي، صنعان خان قريشي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ڪراچي انڊيجينيئس جي گل حسن ڪلمتي جي اڳواڻي ۾ قافلن شرڪت ڪئي. ڌرڻي جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين سپر هاءِ وي تي ٽريفڪ جام رهي. سون جي تعداد ۾ پوليس اهلڪارن بحريا ٽائون ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا ڪنٽينرز رکي بند ڪري ڇڏيو ۽ ڪنڊيدار تارون به وڇايون ويون، پوليس سان گڏ رينجرز اهلڪار به مقرر ڪيا ويا.

پرامن ڌرڻو جاري هو ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي ۾ شامل تنظيمن جا اڳواڻ خطاب ڪري رهيا هئا ته انا دوران ڪجهه شرپسند ماڻهن ڀڃ ڊاهه شروع ڪري ڏني، اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته بحريا ٽائون اندر وڃڻ وارا سمورا رستا مڪمل طور بند هئا، خبر ناهي ته بحريا ٽائون جي اندر ماڻهو داخل ٿيا يا وري ڪي اڳ ئي سازش تحت اندر ڇڏيا ويا هئا، جن ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ ملڪيتن کي باهيون ڏنيون.

ڌرڻي دوران جيئن ڀڃ ڊاهه ۽ باهه جا واقعا شروع ٿيا ته ان وقت ڌرڻي ۾ شريڪ اڳواڻن جلال محمود شاهه، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، صنعان خان قريشي ۽ ٻين انهن وڳوڙين کان  لاتعلقي جو اظهار ڪندي پوليس کي اپيل ڪئي ته انهن کي گرفتار ڪيو وڃي، وڳوڙين سان اسان جو ڪو به واسطو ناهي، پر ان سڄي واقعي دوران پوليس ڌرڻي ۾ شريڪ پرامن ماڻهن مٿان شيلنگ، واٽر ڪينن ۽ رٻڙ جون گوليون استعمال ڪندي رهي پر ملڪيتن کي باهيون ڏيندڙن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي. پوليس جي لٺ بازي، ڳوڙها آڻيندڙ گئس، رٻڙ جي گولين ۽ واٽر ڪينن جي استعمال سبب هڪ سئو کان وڌيڪ عورتون، ٻارڙا ۽ مرد بيجوش ۽ زخمي ٿي پيا، جن کي پوليس گرفتار ڪري مختلف ٿاڻن تي منتقل ڪري ڇڏيو. اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ بعد سيد جلال محمود شاهه، ڊاڪٽر قادر مگسي، رياض چانڊيو ۽ سميت ٻي مرڪزي قيادت ڄامشوري رواني ٿي وئي جڏهنن ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي هڪ ڪلاڪ تائين ڌرڻو هڻي ويٺل رهيو، جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *