Saturday , April 20 2024

بحريا ٽائون جي قبضي هيٺ سرڪاري زمين جو قبضو ڇڏائي سنڌ هاءِ ڪورٽ حوالي ڪئي وڃي:سپريم ڪورٽ

سپريم ڪورٽ بحريا ٽائون جي اشتهاري ڪمپني پرزم ايڊورٽائينگ ايجنسي کي نوٽيس جاري

اسلام آباد( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس عظمت سعيد جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ بحريا ٽائون عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران نيب، ڊائريڪٽر سروي جنرل، روينيو کاتي جا عملدار، بحريا ٽائون جو وڪيل علي ظفر سميت لاڳاپيل اختيارين جا عملدار عدالت آڏو پيش ٿيا.ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس فيصل عرب ڪليڪٽر ملير کي مخاطب ٿيندي چيو ته، اڄ کان اڳ اوهان چوندا رهيا آهيو ته، نقشي ۾ موجود زمين اوهان جي قبضي / انتظام هيٺ نه آهي، اوهان ان سرڪاري زمين جو قبضو واپس وٺو، جنهن تي ڪليڪٽر چيو ته، بحريا ٽائون جي قبضي هيٺ سرڪاري زمين جو قبضو واپس وٺي ڇڏيندس. ان موقعي تي جسٽس عظمت سعيد ڪليڪٽر ملير کي مخاطب ٿيندي رمارڪس ڏنا ته، اوهان سرڪاري زمين جي حفاظت نه ٿا ڪري سگهو، جيڪڏهن زمينن جي حفاظت نه ٿا ڪيو ته پوٰءِ اوهان نيب کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهو. عدالت رمارڪس ۾ چيو ته سرڪاري زمين جو قبضو واپس وٺي ان کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حوالي ڪيو وڃي، ڪليڪٽر، ڊپٽي ڪمشنر ملير ان سموري زمين جي حفاظت ڪرڻ جو ذميوار هوندو، زمين جو قبضو واپس وٺي سنڌ هاءِ ڪورٽ حوالي ڪرڻ جي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وڃي.

ٻڌڻي دوران جسٽس عظمت سعيد سنڌ جي روينيو کاتي جي عملدارن سان مخاطب ٿيندي چيو ته، اوهان کي زمين جي سنڀال ۽ حفاظت ڪرڻي هئي پر ان کي اوهان ئي ان جي ڦرلٽ ڪري ڇڏي. جسٽس عظمت سعيد چيو ته ان معاملي جا اوهان ذميوار آهيو ۽ بحريا ٽائون کان زمين واپس ورتي وڃي. ان موقعي تي جسٽس عظمت سعيد ايڊيشنل اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته اڄوڪي عدالتي حڪم لکنداسين ته، جيڪي ڳالهيون عدالت کي ٻڌايون پيون وڃن يا ٻاڌيون ويون آهن حقيقتون ان جي ابتڙ ڪجهه ٻيون آهن ۽ حقيقتون عدالت کان لڪايون پيون وڃن. عدالت ٻڌڻي دوران نيب ۽ سروي جنرل پاران بحريا ٽائون جي پيش ڪيل نقشن ۾ به فرق هجڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ڏيندي چيو ته، سروي جنرل خبر ناهي ته هي نقشو ۽ رپورٽ ڪنهن جي چوڻ تي تيار ڪري پيش ڪيو آهي؟. بحريا ٽائون عدالتي ڪارروائي کي پاڻ خراب ڪري رهي آهي.هن چيو ته، ڪمشنر کي چيو ته سرڪاري زمين جو قبضو واپس پنهنجي تحويل ۾ وٺو، ته اُهو انڪار ڪندي چوي ٿو ته قبضو هُو نه ٿو وٺي سگهي، لڳي ٿو ته ڪمشنر کي ڪا به خبر نه آهي؛ هاڻي ته گهڻو ٿيو، بحريا ٽائون پاڻ هن معاملي کي بند ڪيو آهي ۽ هاڻي نيب کي چئون ٿا ته اُهو جاچ ڪري.

سپريم ڪورٽ ۾ بحريا ٽائون ڪيس عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڊائريڪٽر سروي جنرل عدالت کي ٻڌايو ته، اسان سرڪاري زمين جو قبضو واپس پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ جي حڪمت عملي جوڙي هئي، جنهن تي جسٽس عظمت سعيد پڇا  ڪئي ته، زخميرن جو قبضو واپس وٺڻ  لاءِ اُتي سرزمين تي ڪير ويو هو؟ حڪمت عملي اسان کي به ٻڌائي وڃي ته،حڪمت عملي ٺاهڻي آهي ته، ڊفينس اسڪول آف اسٽريٽجڪ اسٽڊي وڃو.ان موقعي تي ڊائريڪٽر سروي جنرل عدالت کي ٻڌايو ته، بحريا ٽائون پاران سرڪاري زمين تي قبضو نه ڪرڻ واري ڳالهه ۾ ڪا به صداقت نه آهي ۽ اهڙي دعويٰ مڪمل طوور تي بي بنياد آهي، بحريا ٽائون وارا سري عام سرڪاري زمين وڪڻي رهيا آهن. سروي جنرل عدالت ۾ سرڪاري زميننن جي وڪري بابت بحريا ٽائون جي مارڪيٽنگ ڪندڙ ڪمپني  پرزم ايڊورٽائيزنگ ڪمپني پاران جاري ڪيل اشتهاري مواد به عدالت ۾ پيش ڪيو. جنهن تي عدالت پرزم ايجنسي کي ب ه نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.

ٻڌڻي دوران بحريا ٽائون جي وڪيل پاران 16 هزار ايڪڙ زمين جي عيوض 315 ارب رپيا ڏيڻ جي آڇ ڪئي، جنهن تي جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ڏيندي چيو ته زمين تي بنا ڪنهن شرمندگي جي قبضو ڪري ويٺا آهيو. جنهن تي بحريا ٽائون جي وڪيل چيو ته، سندس موڪل گُلو ٽين ۾ ڦاسي پيو آهي، ان مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، بحريا ٽائون وڌ ۾ وڌ 350 ارب رپيا ڏئي سگهي ٿو. ان تي جسٽس عظمت سعيد سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته، اسان هتي ٽماٽا وڪرو نه ٿي رهيا آهن، جنهن تي وڪيل چيو ته، 7 هزار 68 ايڪڙ زمين جي عيوض ڏيڍ سئو ارب رپيا ۽ 9 هزار ايڪڙ زمين جا 208 ارب رپيا ڏئي سگهون ٿا. نهن تي جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ڏيندي چيو ته، ٽرانسفر آف پراپرٽي ايڪٽ تحت اوهان غيرقانوني زمين وڪرو نه ٿا ڪري سگهو. ب حريا ٽائون جي وڪيل علي ظفر چيو ته، اسان 600 ارب رپيا ڏيڻ جو وعدو نه ٿا ڪري سگهون ٿا. بحريا ٽائون 16 هزار ايڪڙ زمين جا رڳو 358 ارب رپيا 8 سالن دوران قسطن ۾ ئي ادا ڪرفي سگهون ٿا. جنهن تي جسٽس عظمت سعيد چيو ته اها آڇ مناسب نه آهي ان تي ٻيهر سوچي ٻڌايو. جنهن کانپوءِ عدالت ڪيس جي ڪارروائي ملتوي ڪري ڇڏي. بحريا ٽائون پاران  هزار ايڪڙ زمين عيوض358 ارب رپيا ڏيڻ تي راضي، عدالت اهڙي آڇ کي مناسب نه سمجهندي ٻيهر سوچڻ لاءِ وقت ڏئي ڇڏيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *