Thursday , March 28 2024

باگڙ جي ۾ ڪارنهن هيٺ ناري قتل، بنا ڪفن ۽ غسل جي لاش دفن

سکر ( سنڌ سماءَ چار نيوز) سکر جي باگڙي واري علائقي ۾ هڪ ناري کي ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ڪري کيس بنا غسل ڪفن ڏيڻ جي لاش دفنائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن جي ايس ايس پي سکر به تصديق ڪندي چيو آهي ته جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي. ايس ايس پي سکر امجد شيخ چيو آهي ته، پوليس کي موبائل ايس ايم ايس ذريعي اطلاع مليو ته باگڙجي جي ڪچي واري علائقي ۾ جوابدارن هڪ ناري الله رکيءَ کي ڪارنهن الزام هڻي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي. ناري کي قتل ڪرڻ بعد جوابدارن کي چپ چاپ ۾ لاش کي دفنايو به ويوهو. ايس ايس پي موجب پوليس ٽيم ڄاڻايل هنڌڏ ڪارروائي ڪري ناري جو لاش هٿ ڪيو ۽ 5 جوابدارن کي گرفتار به ڪري ورتو آهي، جن مان هڪ جوابدار سڄڻ جتوئي کي گرفتار ڪيو آهي جيڪو مختلف ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هو ۽ معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *