Wednesday , April 24 2024

بابر اعواڻ سميت 4 اڳواڻن،وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جي سينئر قيادت ۾ ويڇا وڌي ويا

تحريڪ انصاف جي سينئر قيادت بابر اعواڻ سميت پ پ پ ڇڏي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيندڙ اڳواڻن وچ ۾ سرد جنگ چوٽ چڙهي وئي

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) پاڪتسان پيپلز پارٽي ڇڏي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيل قانون وارو اڳوڻي وفاقي وزير بابراعواڻ سميت چئن اڳواڻن کي تحريڪ انصاف جي سينئر قيادت شڪ ظاهر ڪري ڇڏيا آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته، پي ٽي آءِ جي اڪثر سينئر ۽ بنيادي اڳواڻن وزيراعظم تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته انهن چئن اڳواڻن سان فيصلا سازي وارن معاملن ۾ شامل نه ڪيو وڃي. تحريڪ انصاف ۾ مختلف اڳواڻن وچ ۾ هلندڙ سرد جنگ بابت سنڌسماءَچار کي معلوم ٿيو آهي ته، وزيراعظم عمران خان ۽ بابر اعواڻ سميت ڪجهه اڳواڻن وچ ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا آهن. ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق مختلف وقتن خاص طور تي گذريل 5 /6 سالن دوران ٻين جماعتن مان تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيندڙ اڳواڻن جا پي ٽي آءِ جي بنياد اڳواڻن يا وري 15 سالن کان وڌيڪ وقت کان پي ٽي آءِ ۾ موجود سينئر اڳواڻن وچ ۾ ڪيترن ئي مهينن کان سرد جنگ هلندڙ آهي، جيڪا گذريل ٻن مهينن کان تيز ٿيندي پئي وڃي.

سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب گذريل سيپٽمبر کان هيل تائين خاص طور تي آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ واري معاملي بعد وزيراعظم عمران خان  پاران ڪيل فيصلا اڪثر ڪري پارٽي جي سينئر اڳواڻن جي صلاح مشورن کانسواءِ ڪيا ويا آهن. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ واري معاملي ۾ وزيراعظم عمران خان پاران قانوني معاملن بابت بابر اعواڻ سان صلاح مشورا ڪيا، جنهن بعد ڪابينا جي ميمبرن ۽ قانون واري وزير ۽ ڪابينا ۾ آندا وڃن ٿا، پي ٽي آءِ جي سينئر قيادت پاران وزيراعظم عمران خان ڪافي عرصي کان اهو باور ڪرايو پيو ته بابر اعواڻ سميت پيپلزپارٽي ڇڏي آيل 4 اڳواڻ پ پ پ پ خاص طور تي آصف زرداري پاران تحريڪ انصاف ۾ پلانٽ ڪرايا ويا آهن، جيڪي فيصلن تي اثر انداز ٿي رهيا آهن ۽ مونجهارا پيدا ڪندڙ فيصلا ڪرايا پيا وڃن، ان جو وڏو ثبوت آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ واري پهريون فيصلو آهي. گذريل رات وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل ٽن اجلاسن ۾ وزيراعظم عمران خان معاملي جي الجهي وڃڻ تي پنهنجي قانوني ٽيم تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، اڳوڻي قانون واري وزير فروغ نسيم، پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ ۽ قانون واري سيڪريٽري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته، پي ايم هائوس ۾ ٿيل هڪ اجلاس دوران پي ٽي آءِ جي اڪثر اڳواڻن جو چوڻ هو ته، آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ واري معاملي ۾ بابر اعواڻ مس گائيڊ ڪيو آهي، نوٽيفڪيشنس ۽ سمري به ان جي ئي صلاح مشوري سان ئي تيار ڪيون ويون هيون. بابر اعواڻ وزيراعظ۾ عمران خان کي آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ لاءِ پيش ڪيل جواز به بابر اعواڻ ئي ترتيب ڏياريا هئا.

سنڌ سماءَچار جي ذريعن جو چوڻ آهي ته، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ان معاملي ۾ وزيراعظم کي ڪجهه صلاح مشورا ڏنا هئا جيڪي به بابر اعواڻ ۽ فروغ نسيم جي چوڻ تي نظر انداز ڪيا ويا، جنهن  کانپوءِ شاهه محمود قريشي صلاح مشورا ڏيڻ ڇڏي ڏنا، ذريعن جو چوڻ آهي ته بابراعواڻ جيڪري شاهه محمود قريشي ۽ وزيراعظم عمران خان ۾ ويڇا وڌي ويا آهن. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته بابر اعواڻ ۽ پيپلز پارٽي ڇڏي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيل اڳواڻن مان 4 اڳواڻ اهڙا آهن، ڪجهه هفتن کان محسوس ائين ٿهي رهيو آهي ته عمران خان، شفقت محمود، مراد سعيد، پرويز خٽڪ سميت ڪجهه ٻين اڳواڻن کان سواءِ  پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ ڪابينا جا ميمبر بابر اعواڻ سوڌو پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيل انهن چئن اڳواڻن کان خفا خفا رهندا آهن ۽ انهن کي نه پاڻ ويجهو ويندا آهن ۽ نه ئي وري انهن کي پنهنجن معاملن وزارتن ۾ سندن ڪمن ڪارين يا وري انهن سان ويجهڙائي رکندڙ ڪامورن کي پنهنجن وزارتن ۾ مقرر ٿيڻ ڏيندا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *