Friday , April 19 2024

بااثر خلاف احتجاج ڇو ؟ نوابشاهه پوليس 5عورتن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو

Qazi-Ahmad

نوابشاهه: قاضي احمد واسي عورتن ۽ مردن بااثر ماڻهن جي مبينا زيادتين خلاف نوابشاهه پريس ڪلب ۽ بعد ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري آصف ڪالوني جي بااثر ڏاڍن مڙسن ۽ پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. پوليس احتجاج کي امن ۾ خلل وجهڻ جو جواز ڄاڻائيندي 8 عورتن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي جتوئي برادري جي بااثر ماڻهن سندن جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي.

احتجاج ڪندڙ قاضي احمد جي آصف ڪالوني واسي عورتن نغمان زال مصطفيٰ آرائين، سڪينه، نجمان، روبينه آرائين ۽ ٻين عورتن سان گڏ نوابشاهه پريس ڪلب دانهيندي چيو ته، علائقي جا بااثر ماڻهو جن جو واسطو جتوئي برادري سان آهي اسان جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي. هنن دانهيندي چيو ته، خميس ڏهاڙي شام جو انهن بااثر ماڻهو حدون پار ڪري ويا. حاجي عرس جتوئي، رستم جتوئي، غلام نبي جتوئي پنهنجي هٿياربند ساٿين سان گڏجي اسان جي گهر ۾ داخل ٿي اسان کي گهر مان ڌڪا ڏئي گهر مان ٻاهر ڪڍي 14 ورهين جي نياڻي مريم کي زبردستي گهر ۾ ويهاري ڇڏيو. هنن چيو ته بااثر ماڻهو سندن گهرن تي به قبضو ڪري ويهي رهيا آهن ۽ هڪ ٻارڙي کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي. عورتن جي احتجاج تي پوليس 5 عورتن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، عورتن جي وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس حراسر ۾ ورتل سندن عورتن کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. هگنن مطالبو ڪيو ته گهر تي قبضو ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ سندن نينگري کي بازياب ڪرايو وڃي.

احتجاج ڪندڙ عورتن جو چوڻ هو ته، اسان قاضي احمد ٿاڻي تي وياسين پر پوليس وارن اسان جي هڪ به نه ٻڌي پوءِ اسان مجبور ٿي هتي نوابشاهه پريس ڪلب پهتا آهيون هنن مطالبو ڪيو ته اسان جي نوجوان نياڻي واپس ڪرائي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *