Thursday , March 28 2024

بااثر جوابدارن رينا ۽ روينا کي لاهور منتقل ڪري ڇڏيو، حڪومت بيوس بڻيل

اسلام آباد/ ڪراچي (خاص نمائندو/ رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڏهرڪي مان اغوا ڪيل سننڌي نياڻين کي بااثر جوابدارن پنجاب جي خانپور شهر ۾ زبردستي مذهب تبديل ڪرائي زوري شادي ڪرڻ کانپوءِ لاهور منتقل ڪرڻ جا اطلاع، وفاقي وزير فواد چوڌري پاران ٻنهي ڀبينرن کي گجرانوالا منتقل ڪرڻ جي تصديق، امڪان آهي ته ٻنهي ڀينرن ۽ سندن مبينا مڙس لاهنور هاءِ ڪورٽ ۾ تحفظ لاءِ درخواست داخل ڪن. ڏهرڪي مان منتقل ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي ڳالهه جي وفاقي وزير فواد چوڌري به تصديق ڪري ڇڏي آهي.  ڏهرڪي مان اغوا ڪري زبردستي مذهب تبديل ڪرائڻ بعد ساڻن زبردستي شادي ڪرڻ وارو معاملو انتهائي سنجيده ٿيڻ تي وزيراعظم عمران خان پاران نوٽيس وٺڻ کانپوءِ ٻنهي سنڌي نياڻين کي پنهنجي قبضي ۾ رکڻ لاءِ پنجاب جي راڄڌاني واري شهر لاهور منتقل ڪيو ويو آهي. ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق رينا ۽ روينا کي لاهور منتقل ڪيو ويو آهي، ان کان اڳ کين پنجاب جي شهر خانپور مان گجرانوالا منتقل ڪيو ويو هو، جنهن جي تصديق وفاقي وزير فواد چوڌري به ڪئي آهي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته رينا ۽ روينا کي پنجاب جي هڪ طاقتور مذهبي شخصيت جي معرفت گجرانوالا ۾ ترسائڻ بدران لاهور منتقل ڪيو ويو آهي. ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته ٻنهي ڀينرن ۽ سندن مبينا مڙسن پاران اڄ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ تحفظ لاءِ درخواست داخل ڪئي ويندي، ٻي صورت ۾ ٻنهي کي مڙسن سميت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ تحفظ واري درخواست داخل ڪرائي ويند. لاهور جي هڪ سينئر صحافي رابطو ڪرڻ تي www.sindhsamaachar.com کي ٻڌايو ته، ٻنهي هندو ڀينرن بابت وفاقي حڪومت جي انتهائي اهم اڳواڻ ۽ وفاقي حڪومت جي ذميوار کي ٻنهي هندو ڀينرن واري معاملي جي مڪمل ڄاڻ آهي ۽ انهن جي مڪمل چرپر کان واقف آهن. پي ٽي آءِ جي حڪومت هي معاملو حل ڪرائڻ ۽ نينگرين کي واپس ڪرائڻ ۾ دلچسپي نه ٿي رکي. هن ٻڌايو ته حڪومت به نينگرين کي اغوا ڪري زبردستي مذهب تبديل ڪرائيندڙ سان گڏ آهي. ..

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *