Thursday , March 28 2024

بااثر ارباب ابراهيم جئي پرڪاش سان بدفعلي ته ڪئي پر نياڻين ۾ به اکيون وڌيون: جئي جو والد

تصويرون وڊيو تان حاصل ڪيون آهن، جنهن ۾ ارباب ابراهيم بدفعلي ڪرڻ وقت خود موجود آهي

ٺٽو( رپورٽر    سنڌسماءَچار) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ارباب ابراهيم ميمڻ جي موجودگيءَ ۾ نوجوان پٽ سان بدفعلي ٿي، پر هُو عزت بچائڻ لاءِ خاموش رهيو، جئي پرڪاش جي والد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته، جوابدار پٽ کي بليڪ ميل ڪندا رهيا ۽ آخرڪار نياڻين ۾ اکيون وڌيون ، جيڪا ڳالهه برداشت کان ٻاهر ٿيڻ تي هن آپگهات جو سوچيو. دڙو شهر ۾ نوجوان جئي پرڪاش جي سنڌي نجي ٽي وي، ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته، بااثر سياسي اثر رسوخ رکندڙ ارباب ابراهيم ميمڻ جي هدايتن تي سندس موجودگي ۾؛ ان جي ملازمن پٽ سان آبدفعلي ڪئي ۽ ان جي  ويڊيو ٺاهي، کيس وڏي عرصي تائين بليڪ ميل ڪندا رهيا.

هن انٽرويو وٺندڙ صحافي جي سوالن جا جواب ڏيندي روئڻهارڪو ٿيندي چيو ته، پٽ سان ته بدفعلي ٿي پر، آخر ڪار انهن بااثر جوابدارن، نياڻيون پيش ڪرڻ لاءِ چيو، جنهن تي وجئي مونکي سڄي ماجرا ٻڌائي. وجئي جي والد جو چوڻ آهي ته، پٽ کيس چيو ته هاڻي هُو جيئڻ نه ٿو چاهي ۽ آپگهات ڪري ڇڏيندو، جنهن تهي کيس سمجهايو ته، هاڻي ائين نه مربو انصاف وٺڻ لاءِ قانون جي دائري ۾ رهندي ويڙهه وڙهندي مربو. هن چيو ته پوءِ اسان به فيصلو ڪيو ته، جوابدارن پاران ڀريل وڊيو ميڊيا آڏو پيش ڪنداسين، ميڊيا ضرور ساٿ ڏيندي. اسان سپريم ڪورٽ کان به انصاف ڏيارڻ لاءِ مدد وٺنداسين.

بدفعلي جو شڪار ٿيل نوجوان جئي پرڪاش نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو آهي ته، سوشل ميڊيا تي منهنجا وڊيوز وائرل ٿيڻ بعد، جوابدار قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته جوابدار وڊيوز ٺاهڻ بعد بليڪ ميل ڪندي هزارين رپيا اوڳاڙيا. هنن جڏهن نياڻين ۾ اکيون وڌيون تڏهن ميڊيا تي اچڻ جو فيصلو ڪيو، جئي پرڪاش جي والد پاران بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير کي انصاف جي اپيل، بدفعلي ۾ پ پ اڳواڻ ابراهيم ميمڻ به ملوث آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *