Thursday , April 25 2024

بئنڪ اڪائونٽس ذريعي گهوٻين جو 11 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو

ڪراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) احتساب عدالت ڪراچي سوئي سدرن ۾ جعلي بينڪ اڪائونٽس ذريعي گهوٻين واري 11 سال پراڻي ريفرنس تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، جوابدار حنا جبين کي 10 سال قيد، 50 لک رُپيا ڏنڊ ۽ ماجد ڪياني کي 7 سال قيد جي سزا، نيب موجب جوابدارن ڪروڙن جي ڪرپشن ڪري قومي خزاني کي نقصان پهچايو. نيب اختيارين موجب جوابدارن  2003 کان 2013 تائين مختلف بينڪ اڪائونٽس ذريعي سوئي سڌرن ڪمپني کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهچايو. احتساب عدالت 11 سالن کانپوءِ سوئي سڌرن گيس ڪمپني ۾ جعلي بينڪ اڪائونٽس ذريعي ڪروڙين رپين جي گهوٻين خلاف ريفرنس تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت ايس ايس جي سي جي اسسٽنٽ مئنيجر فنانس جوابدار حنا جبين ۽ علي ماجد ڪياني کي سزا ٻڌائي. ڪيس ۾ ملوث ايس ايس جي سي جو پروٽوڪول آفيسر علي ماجد ڪياني کي ست سال ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي، جڏهن ته عدالت  ڪيس ۾ ملوث اطهر حسين کي بري ڪري ڇڏيو. نيب ڄاڻايو ته جوابدارن 2001 کان 2003 تائين مختلف بينڪ اڪائونٽس ذريعي سوئي سدرن ڪمپني کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهچايو. نيب چيو ته جوابدارن خلاف ريفرنس 2007 ع ۾ احتساب عدالت ۾ داخل ڪرايو ويو هو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *