Friday , April 19 2024

اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جو ناٺي ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ۾ گرفتار

اسلام آباد( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ايڊن هائوسنگ اسڪيم ۾ ٿيل اربين رپين جي ميگا ڪرپشن ۾ اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي ناٺي کي دبئي مان گرفتار ڪيو ويو آهي، سڌسماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري تصديق ڪندي چيو آهي ته مرتضيٰ کي ايف آءِ اي جي مدد سان دبئي مان گرفتار ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته، نجي هائوسنگ اسڪيم ايڊن هائوسنگ سوسائٽي ذريعي اربين رپين جي ڪرپشن واري ڪيس جي مک جوابدار ۽ اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي ناٺي مرتضيٰ کي نيب ايف آءِ اي جي مدد سان دبئي مان گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته، مرتضيٰ جي گرفتاري لاءِ نيب اڳ ۾ ئي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا هئا، جنهن کي اڄ گرفتار ڪيو ويو آهي. فواد چوڌري چيو ته ساڳئي ڪرپشن ڪيس ۾ افتخار چوڌري جو جو پٽ ارسلان افتخار، سندس ڌيءَ به نامزد ٿيل آهن. ايڊن هائوسنگ اسڪيم ۾ فراڊ ذريعي 300 جي لڳ ڀڳ ماڻهن جا ڪروڙين رپيا هڙپ ڪيا ويا هئا ۽ سندن زندگي جي ميڙي چونڊي لڙهي وئي هئي. فواد چوڌري چيو ته، ايڊن هائوسنگ اسڪينڊل ڪيس افتخار چوڌري جي چيف جسٽس واري دور ۾ سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ هو ۽ تڏهوڪي چيف جسٽس افتخار چوڌري ڪيس جنهن  بئنچ ۾ هلي رهيو هو اتان پاڻ وٽ منتقل ڪرائي جوابدارن کي ريليف ڏنو هو. هن ڪيس بابت وزيراعظم عمران خان به رپورٽ طلب ڪئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *