Saturday , April 20 2024

اڳوڻي ٽائون نائب ناظم فيروز بنگالي ۽ متحده سيڪٽر انچارج شاڪر لنگڙا چائنا ڪٽنگ ڪئي: نيب

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ، جيڪي ماڻهو ڪراچي کي پيئرس بڻائڻ جي ڳالهه ڪندا هئا انهن اورنگي ٽائون جا پلاٽ ڪورنگي ۾ ڄاڻائي وڪرو ڪيا، چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ هاءِ ڪورٽ جي بئنچ ڪراچي ۾ چائنا ڪٽنگ ۽ زمينن تي قبضن واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران هڪ موقعي تي چيف جسٽس طنزيه رمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان کي خبر ناهي ته اهي ماڻهو ته شهر جي خدمت ڪري رهيا هئا، اهي ڪراچي کي پئرس جهڙو خوبصورت بڻائڻ پئي چاهيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي شهر جي مختلف علائقن ۾ 296 پلاٽن جي غيرقانوني الاٽمينٽ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي آگاهه ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم اڳواڻ ۽ اورنگي ٽائون جي اڳوڻي نائب ٽائون ناظم فيروز بنگالي، سيڪٽر انچارج شاڪر لنگڙا ۽ ٻين چائنا ڪٽنگ ڪئي. چيف جسٽس طنزيه انداز ۾ ريمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان کي خبر ناهي ته اهي ماڻهو ته شهر جي خدمت ڪري رهيا هئا، اهي ڪراچي کي پيرس جهڙو خوبصورت بڻائڻ چاهين پيا، نيب پراسڪيوٽر چيو ته، فيروز بنگالي ۽ شاڪر لنگڙا اهڙن ماڻهن جي نالي تي پلاٽ الاٽ ٿيا، جن کي خبر ئي نه هئي. جنهن تي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ رمارڪس ڏيندي چيو ته هتي ته ڪورنگي جو پلاٽ اورنگي جو بڻائي کپايو ويندو هو، نالي ماتر الاٽيز هوندا آهن، جن خبر ئي ناهي هوندي ته انهن جي نالي تي پلاٽ الاٽ ٿيل آهن. نيب پراسڪيوٽر چيو ته چنون ماما ريفرنس ۾ اشتهاري ٿي چڪو آهي، جوابدارن جي وڪيلن پاران ڪيس ۾ دليل مڪمل ٿيڻ بعد عدالت ڪيس جي شنوائي 19 هين مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *