Saturday , April 20 2024

اڳوڻي وفاقي وزير رياض حسين پيرزادا خلاف نيب پاران بند پيل انڪوائري ٻيهر شروع ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(خاص نمائيندو سنڌسماءَچار)اڳوڻي وفاقي وزير رياض حسين پيرزادا خلاف نيب پاران سرد خاني حوالي ٿيل انڪوائري ٻيهر شروع ڪرڻ جو فيصلو، ذريعن جو چوڻ آهي ته رياض پيرزادا خلاف پاڪستان اسپورٽس بورڊ ۾ بيضابطگين جي الزامن بابت بند ڪيل انڪوائري ٻيهر کولي وئي آهي، سنڌ سماچار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب بهاول پور مان چونڊيل قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ اڳوڻي وفاقي وزير رياض پيرزادا خلاف نيب پاران 2 سال اڳ شروع ڪيل انڪوائري بند ڪئي وئي هئي، جيڪا ٻيهر شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ، رياض پيرزادا تي الزام هيو ته وفاقي وزير هجڻ دوران پاڪستان اسپورٽس بورڊ ۾ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي نوڪريون ڏنيون مٿس الزام هيو ته اُن پي ايس بي مختلف ۽ ڪمپليڪسز ، اسٽيڊيمز جي مرمت وارن ڪمن ۾ بيضابطگيون ڪري ملڪي خزاني کي ڪروڙين روپين جو نقصان پهچايو، اُن سلسلي ۾ نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته رياض پيرزادا خلاف نيب چيئرمين پاران ڄاڻايل معاملي جي انڪوائري ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي. 2 سال اڳ ۾ رياض پيرزادا خلاف شروع ڪيل ان انڪوائري ۾ سندس خلاف ڪي به ٺوس ثبوت نه ملڻ تي انڪوائري اڳتي نه وڌائي وئي هئي،ذريعن موجب ان انڪوائري کي بند ڪرڻ لاءِ چيئرمين کي به لکيو ويو هو پر نيب ايگزيڪيوٽيو بورڊ جي هڪ اجلاس ۾ ڄاڻايل معاملو به غور هيٺ آيو هو پر ان وقت فيصلو ملتوي ڪيو ويو هو.

سنڌسماءَ چار کي ذريعن دعويٰ ڪندي ٻڌايو آهي ته اڳوڻي وفاقي وزير رياض پيرزادا پاران ڪجهه عرصو اڳ قومي اسيمبلي جي اجلاس دواران پنهنجي تڪ بهاولپور واري علائقي ۾ زمينن تي قبضن ، صدين کان ويٺل ماڻهن کي لڏائڻ ، زرعي پاڻي، مخصوص ماڻهن کي ڏيڻ سميت علائقي جي ماڻهن سان ٿيندڙ ڏاڍاين بابت قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران جهه ڏينهن اڳ آواز اٿاريون هو، ذريعن موجب سندس خلاف سرد خاني حوالي ٿيل نيب جي انڪوائري ٻيهر شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته رياض پيرزادا جي خلاف خيرپور ٽامي والا، بهاولپور، ملتان، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ به پراڻا ڪيس يان سندس خلاف شڪايتن جي به ڳولا ڪئي پئي وڃي، جنهن جي لاءِ وزيراعظم جي خاص معاون شهباز گل ۽ پنجاب جي صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ کي خصوصي ذميواريون ڏنيون ويون آهن،

ياد رهي ته اڳوڻي وفاقي وزير ۽ هاڻوڪي ايم اين اي رياض حسين پيرزادا قومي اسميبلي جي اجلاس دوران ڳالهائيندي چيو هو ته ” 6 ڀيرا پارليامينٽ ۾ ايندڙ شخص جيڪڏهن پنهنجي علائقي جي عوام جي ڳالهه نه ڪندو ته ٻيو ڪير ڪندو. هن چيو هو ته 8 سئو سالن کان پنهنجي زمينن تي آباد ماڻهن جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران اُتي جي عوام جي زمينن تي پڻ قبضا ڪيا ويا آهن، هن چيو ته جيڪي ماڻهو پنهنجي زندگي داعءُ تي لڳائي اُنهن زمينن جي مالڪي ڪري رهيا هئا اڄ انهن کي اُتا کان بيدخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي”

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *