Friday , April 26 2024

اڳوڻي صوبائي وزير روبينا قائمخاني جو اڪيلو پٽ روڊ حاثي ۾ فوت

ڪراچي (رپورٽر سنڌ سماءَ چار) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ اسيمبلي ۾ عورت ايم پي اي روبينا قائمخاني جو اڪيلو پٽ حمزه قائمخاني روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته حمزه جي گاڏي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ فوت ۽ سندس دوست زخمي ٿي پيو.آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا حادثي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، پ پ ايم پي اي جي پٽ جي حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي آصف زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڏک جو به اظهار ڪيو ڪيو آهي.

سنڌ جي اڳوڻي صوبائي وزير روبينا قائمخاني جو سڪي لڌو پٽ ٽريفڪ حادثي  ۾ فوت ٿي ويو. تفصيل موجب روبينا قائمخاني جي سڪي لڌي پٽ حمزه سان ٽريفڪ حادثو وليج هوٽل جي ڀرسان پيش آيو جنهن ۾ هو فوت ٿي ويو جڏهن ته حادثي ۾ هڪ نوجوان زخمي به ٿي پيو. زخمي ٿيل نوجوان حمزه جو ويجهو دوست هو. شروعاتي اطلاعن موجب حادثو تيز رفتار سبب پيش آيو، تيز رفتار سبب گاڏي پنهنجو توازن وڃائي ويٺي ۽ ڪلٽيون کائيندي پري وڃي ڪري. جنهن جي نتيجي ۾ روبينا قائمخاني جي سڪي لڌي پٽ زخمن جا سور نه رهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو جڏهن ته گاڏي ۾ موجود حمزه جو دوست به سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندس علاج هلندڙ ۽ طبعيت سڌرندڙ آهي. اسپتال ۾ زخمي نوجوان جي حالت به انتهائي ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. هوڏانهن پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عورت اسيمبلي ميمبر سان سندس جوان پٽ جي حادثاتي موت تي تعزيت جو اظهار ڪيو. آصف زرداري جو چوڻ هو ته هن ڏک جهڙي وقت ۾ اسان روبينا قائمخاني سان گڏ آهيون جڏهن ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زردري طرفان به تعزيت جو اظهار ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *