Thursday , April 25 2024

اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي ڦاهي جي سزا ڇو آئي؟

دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت، پرويز مشرف خلاف غداري ڪيس ثابت ٿيڻ ۾ ڪهڙا ڪهڙا جواز ڄاڻائيندي؟

اسلام آباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) اسلام آباد جي دهشتگردي جي خاتمي واري خاص عدالت پاران غداري ڪيس ۾ اڳوڻي صدر ۽ آمر جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف کي سزا بابت تفصيلي فيصلو اڄ جاري ٿيڻ وارو آهي،17ڊسمبر تي ٻڌايل مختصر فيصلي ۾ خاص عدالت مختصر فيصلو ٻڌائيندي پرويز مشرف کي غداري ڪيس ۾ ڦاهي جي سزا ٻڌائي هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، دهشتگردي جي خاتمي واري خاص عدالت پاران اڄ خميس تي منجهند جو ساڍي ٻارهين وڳي کانپوءِ تفصيلي فيصلو جاري ڪيو ويندو. عدالت اڳوڻي صدر آمر جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف 2007 دوران اسلامي جمهوري پاڪستان جو آئين ٽوڙڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کيس موت جي سزا ٻڌائڻ جو مختصر فيصلو ٻڌايو هو، عدالت پنهنجو تفصيلي فيصلو ڪجهه ڪلاڪن بعد جاري ڪرڻ واري آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *