Friday , April 19 2024

اڳوڻي آءِ جي، اي آءِ جي ۽ ڊي آءِ سميت 82 پوليس آفيسزر، اسمگلنگ، ڪرپشڻ ۽ ڏوهارين جا ساٿاري نڪتا

ڪراچي( سنڌ سماءَچار نيوز) سنڌ پوليس جي اڳوڻي آءِ  غلام حيدر جمالي ، اي آءِ جي اعتزاز احمد گورايا غير قانوني ڀرتين ۽ مالي گهوٻين، اڳوڻو ڊي آءِ جي ڪئپٽن رٽائرڊ سيد فيروز شاهه ايراني ڊيزل ۽ پيٽرول اسمگلنگ ۾ ملوث ۽ ڊي ايس چوڌري لياقت جا وري خطرناڪ ڏوهارين جو ساٿاري نڪتو. سپريم ڪورٽ ۾ گهرو کاتي جي سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ پاران ڪرپٽ پوليس آفيسرز جا تفصيل ۽ سندن ڏوهن ۾ ملوث هجڻ جا وچور به پيش ڪيو ويو آهي.

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ڪرپٽ پوليس آفيسرز بابت تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي  هين گريڊ کان مٿي وارن پوليس آفيسرز خلاف ڪارروائي جو کيس اختيار نه آهي، پر انهن خلاف لاڳاپيل اختياريون جلد ڪارروائي ڪنديو.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ بعد عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اي ڊي خواجا چيو ته، ڏوهن ۾ ملوث 17هين گريڊ جي پوليس آفيسرن جو تعداد 31 آهي ۽ گريڊ 18 کان 21 تائين جي ڪرپشن ۾ ملوث پوليس آفيسز جو انگ 35 آفيسر ڏوهارين جي فهرست ۾ شامل آهن، جن خلاف به جلد ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته ڏوهن ۾ ملوث پوليس آفيسرن جي خلاف جيڪا ڪارروائي ڪرڻي هئي، اها اسان ڪري ڇڏي آهي. سندس چوڻ هو ته گريڊ 16 ۽ ان کان هيٺ جي گريڊ وارن 184 پوليس آفيسرن کي سزائون ڏنيون ويون آهن.

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو ته گريڊ 17 کان مٿي جي آفيسرن خلاف ڪارروائي سيڪريٽري اسٽيبليشمينٽ ڪندو آهي، آءِ جي سنڌ وٽ گريڊ 15 تائين جي آفيسرن خلاف ڪارروائي جو اختيار آهي. آءِ جي سنڌ وڌيڪ چيو ته گريڊ 16 کان مٿي جي سينيئر آفيسرن خلاف ڪارروائي منهنجي اختيار ۾ ناهي.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سنڌ پوليس آفيسرن جي ڪرمنل رڪارڊ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران جمع ڪرايل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته، پوليس آفيسر ڪرپشن، مس ڪنڊيڪٽ ۾ ملوث آهن، جڏهن ته جوابدارن ۾ سعيد احمد شيخ، غلام رسول پنهور، فدا حسين شاهه سميت ٻيا شامل آهن. سکر جو اڳوڻو ڊي آءِ جي ڪئپٽن رٽائرڊ سيد فيروز شاهه ايراني پيٽرول، ڊيزل ۽ پيٽروليم جون ٻيون شيون اسمگل ڪرڻ ۾ ملوث رهيو آهي. رپورٽ مطابق اڳوڻو ايڊيشنل آءِ جي اعتزاز احمد گورايا پوليس ۾ غير قانوني ۽ رشوت عيوض ڀرتيون ڪرڻ ۾ ملوث رهيو آهي.

رپورٽ مطبق ڪرپشن ۽ ٻين غير قانوني ڪمن ۾ ملوث 35 آفيسرن جي خلاف سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڏانهن سمري اماڻي ڇڏي آهي، گريڊ 17 کان مٿي جي آفيسرن خلاف ڪارروائي لاءِ سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ رپورٽ طلب ڪئي هئي.

سنڌ جي گهرو کاتي واري سيڪريٽري سپريم ڪورٽ کي ٻڌايو ته 22 آفيسرن جي خلاف ڪارروائي لاءِ سمري اسٽيبلشمينٽ ڏانهن اماڻي وئي آهي. گهرو سيڪريٽريءَ موجب ڊي ايس پي سعيد احمد شيخ، ڊي ايس پي غلام رسول پنهور، ڊي ايس پي شير خان رند، ڊي ايس پي مرزا تيمور بيگ ۽ ٻيا نالا فهرست ۾ شامل آهن. جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏيندي چيو ته اعليٰ پوليس آفيسرن جي معاملي ۾ سياستدان ملوث هوندا آهن. گهرو وزير قانون تي عمل ڪرائڻ جو پابند آهي، وزير ڪيئن ڪم ڪندو آهي اها سڀني کي خبر آهي. جسٽس گلزار احمد چيو ته ڏوهه ساڳيو آهي ته پوءِ سزائون الڳ الڳ ڇو آهن؟ سزائن ۾ گڙٻڙ ڇو ڪئي وئي، سڀ پنهنجي ڪم ۾ مصروف آهن، حڪومت جي ڪنهن سان به دلچسپي ناهي، اهو ايڊمنسٽريشن جو ڪم هيو، جيڪو اسان کي ڪرڻو پئجي رهيو آهي.ٻڌڻيءَ دوران عدالت گهرو سيڪريٽري کي حڪم ڏنو ته معاملي جي مڪمل جاچ ڪئي وڃي ۽ 2 هفتن ۾ رپورٽ جمع ڪرائي وڃي.

سپريم ڪورٽ ۾ جن ڪرپٽ پوليس آفيسرز جي فهرست پيش ڪئي وئي آهي، انهن ۾ سعيد احمد شيخ، غلام رسول پنهور، شير خان رند به ڪرپشن ۾ ملوث ڊي ايس پي محمود حسين، جميل احمد سنجراڻي، فرحان بروهي، مس فرح امبرين، مرزا تيمور بيگ، جاويد اقبال چانڊيو به ڪرپشن ۾ ملوث آهن. ڊي ايس پي محمود حسين، شڪيل احمد سرفراز، فيصل انور، آغا محمد بصير جا نالا به فهرست ۾ شامل  آفيس سپرنٽنڊنٽ عبدالستار گوندل، ڊي ايس پي غلام شبير منگيرو شامل، طارق مغل، رحيم بخش، محمد شريف عباسي ۽ نثار احمد بروهي به ڪرپشن ۾ ملوث ملوث آفيسرز جي فهرست ۾ شامل آهي.

پوليس ۾ غير قانوني ۽ رشوت عيوض ڀرتين واري ڪيس ۾ اڳوڻو آءِ جي غلام حيدر جمالي عدالت ۾ پيش

سنڌ پوليس ۾ غير قانوني ۽ رشوت عيوض ڪيل ڀرتين واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. اڳوڻي آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي سميت ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت ٻڌڻي 25 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. احتساب عدالت ۾ سنڌ پوليس ۾ ڀرتين، اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ ٻئي مد ۾ ڪرپشن جي ميگا اسڪينڊل جي ٻڌڻي ٿي. اڳوڻي آءِ جي سنڌ غلام حيدر جماليءَ سميت ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا. نيب جي طرفان پيش ڪيل شاهد ايس ايس پي نعيم شيخ جو بيان قلمبند نه ٿي سگهيو. جوابدارن تي 881 غير قانوني ڀرتين جو الزام آهي، نيب موجب ڀرتيون ايس آر پي حيدرآباد جي لاءِ ڪيون ويون.نيب جو چوڻ آهي ته جعلي ڀرتين جي ذريعي قومي خزاني کي 50 ڪروڙ 46 لک 61 هزار کان وڌيڪ جو نقصان پهچايو ويو. نيب جو چوڻ هو ته ڀرتيون ڪانسٽيبلز، ڪمپيوٽر آپريٽر ۽ ٻين عهدن تي ڪيون ويون، جڏهن ته سپريم ڪورٽ معاملي بابت ميڊيا رپورٽن جو نوٽيس پڻ ورتو هو. جوابدارن خلاف اختيارن جي ناجائز استعمال، ڪرپشن ۽ ٻين قلمن تحت ريفرنس داخل ڪيو ويو، سمورا جوابدار هاءِ ڪورٽ کان عبوري ضمانت حاصل ڪري چڪا آهن. عدالت معاملي جي ٻڌڻي 25 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *