Friday , March 29 2024

اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف پاناما ڪيس ۾ پِيش ڪيل قطري خط تان هٿ کڻي ويو

اسلام آباد (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار)  العزيزيه ڪيس ۾ نئون رخ اچي ويو آهي، اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف پاناما ڪيس ۾ پيش ڪيل قطري شهزادي واري خط تان هٿ کڻي ويو آهي، احتساب عدالت آڏو بيان قلمبند ڪرائيند نواز شريف چيو ته، قطري خط سان منهنجو نه پر منهنجي پٽن جو واسطو هوندو، منهنجو ان سان واسطو نه آهي. العزيزيه ڪرپشن ريفرنس ۾ احتساب عدالت آڏو بيان قلمبند ڪرائيندي نواز شريف وڌيڪ چيو ته، 1999 ۾ سندس اقتداار ختم ڪري، ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو  ٿيڻ بعد شريف خاندان جي ڪاروبار جو سمورو رڪارڊ قبضي ۾ ورتو ويو هو. نواز شريف چيو ته، اسان جو سمورو رڪارڊ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تحويل ۾ ورتو هو، جيڪو گهرڻ باوجود اسان کي  واپس ناهي ڪيو ويو؛ اسان لاڳاپيل ٿاڻي سميت ٻين اختيارين سان به رابطو ڪيو پر ڪابه ڪارروائي نه ڪئي وئي. احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ العزيزيه  ريفرنس جي ٻڌڻي دوران، نواز شريف سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته، هن چيو ته،اسان جي درد ڀريل ڪهاڻي آهي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته 1972  ۾ پاڪستان جي سڀ کان وڏي اسٽيل ملز اتفاق فائونڊري کي قومي تحويل ۾ ورتو ويو،ڪنهن نه پڇو ته کائڻ جا پئسا به وٽن آهن يا وري نه آهن.  نواز شريف چيو ته مان ته 1972 ۾ سياست ۾ به نه هيس، مان80 جي ڏهاڪي ۾ سياست شروع ڪئي. ڪيس جي ٻيهر شروع ٿي ته  نواز شريف قطري شهزادي جي خطن کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته مان ڪنهن به حيثيت سان ٽرانزيڪشن جو حصو نه رهيو آهيان، منهنجو نالو ڪٿي به ڪنهن دستاويز ۾ ناهي. هن چيو ته منهنجي والد ۽ پٽن جو قطري شهزادي سان واسطو هو، اڳوڻي وزيراعظم واجد ضياءَ جي بيانن تي به اعتراض اٿاريا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *