Saturday , April 20 2024

اڳوڻو صدر ۽ اڳوڻو آرمي چيف پرويز مشرف لاڏاڻو ڪري ويو، تدفين پاڪستان ۾ ٿيندي

ڪراچي /دبئي( رپورٽر /مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) ملڪ جو آئين ٽوڙي چونڊيل حڪومت ختم ڊڪٽيڪري پي سي او لاڳو ڪندڙ پاڪستان جو اڳوڻو صدر ۽ آرمي چيف جنرل رٽائرڊ پر پرويز مشرف لاڏاڻو ڪري ويو، سندس تدفين پاڪستان ۾ ڪرڻ لاءِ مڙهه ڏيهه آڻڻ لاءِ خصوصي جهاز 6فيبروري صبح سوير دبئي ايئرپورٽ پهچندو، تدفين سڀاڻي ٿيندي.صدر عارف علوي، وزيراعظم شهباز شريف، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي آرمي چيف جنرل عاصم منير، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ ٻين پاران جرنل رٽائرڊ پرويز مشرج جي لاڏاڻي ڏک ۽ افسوس جو اظهار.

پاڪستان جو آئين معطل ڪري، ملڪ ۾ قائم جمهوري حڪومت ختم ڪرڻ بعد ملڪي اندر سمورا انساني حق معطل ڪري پي سي او لاڳو ڪري اقتدار تي قبضو ڪندڙ اڳوڻو صدر ۽ آرمي چيف رهندڙ جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف 79 سالن جي عمر ۾ دبئي جي امريڪن اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. پريز مشرف جو مڙهه واپس آڻي تدفين ڪئي ويندي، سندس مڙهه پاڪستان آڻڻ لاءِ خصوصي جهاز اڄ رات دير سان دبئي روانو ٿيندو، دبئي جي اسپتال جي سرد خاني ۾ رکيل آهي، قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ خصوصي جهاز پرويز مشرف جو مڙهه دبئي کان نور خان ايئرپورٽ تي پهچايو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پرويز مشرف جي مڙهه جي تدفين سرڪاري اعزاز سان ڪئي ويندي.

آئين معطل ڪري، جمهوريت ختم ڪري، انساني حق معطل ڪرڻ، پاڪستاني ميڊيا جي ڪجهه ٽي وي چئنلز کي بند ڪرڻ تائيين پهچائڻ تي مجبور ڪندڙ اڳوڻي صدر جنر رٽائرڊ پرويز مشرف لڳ ڀڳ 9 سالن تائين صدر ۽ آرمي چيف رهيو.

اڳوڻي آمر پرويز مشرف تي تي مارچ 2014 ۾ 3 نومبر 2007 تي آئين معطل ڪرڻ واري عمل تي سندس خلاف غداري جو فرد جرم لاڳو ڪيو ويو هو. 17 ڊسمبر 2019 تي خاص عدالت پرويز مشرف کي سنگين غداري ڪيس ۾ موت جي سزا ٻڌائي هئي. اڳوڻو فوجي حڪمران مارچ 2016 ۾ علاج لاءِ دبئي ويو هو جتي اڄ امريڪن اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

11هين آگسٽ 1943 تي دهلي ۾ جنم وٺندڙ پرويز مشرف جو خاندان پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سندس خاندان ڪراچي ۾ اچي آباد ٿيو، جتي هن سينٽ پيٽرڪ اسڪول ۾ پڙهيو. پرويز مشرف ڪاڪول ۾ پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ۾ داخلا ورتي ۽ 1964ع ۾ گريجوئيشن ڪرڻ بعد پاڪستان آرمي ۾ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري پاڪ آرمي ۾ ڪميشنڊ آفيسر ٿيو.

اڳوڻي صدر ۽ آرمي چيف جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيل جنگ ۾ به حصو ورتو، هن 1966 کان 1972 تائين پاڪ آرمي جي اسپيشل سروسز گروپ (ايس ايس جِي سِي)  ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون.پرويز مشرف 1971 کان پوءِ هن ڪيترن ئي فوجي محاذن تي خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ تيز ترقيون حاصل ڪيون.

رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف 2017 جي آخر ۾ بيمار ٿي پيو هو ۽ ڊاڪٽرن 2018 کيس ايميلائيڊوسس جي بيماري هجڻ جي تصديق ڪئي هئي.Amyloidosisهڪ انتهائي خطرناڪ بيماري آهي جنهن ۾ هڪ پروٽين جنهن کيamyloidسڏيو ويندو آهي، سڄي جسم جي عضون ۽ بافتن ۾ ٺهڪي اچي ٿو، اهو عضون ۽ بافتن لاءِ صحيح ڪم ڪرڻ ڏکيو بڻائي ٿو. واضح رهي ته گذريل سال 10 جون تي سندس گهرواري واضح ڪيو هو ته هو وينٽيليٽر تي ناهي پر ٽن هفتن کان اسپتال ۾ داخل آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *