Friday , March 29 2024

اڄ جمعي ڏينهن مڪمل لاڪ ڊائون، ڪو به دڪان نه کُلندو

اڄ جمعي ڏينهن 3 وڳي تائين ڀاڄين، سيڌي سامان ۽ کير سميت ڪو به دڪان نه کلندو

ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌ سماچار) سنڌ حڪومت اڄ 15 مئي جمعي ڏينهن سڄي سنڌ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ڪري ڇڏيو آهي، اڄ 3 وڳي تائين سيڌي سامان، سبزين ميڊيڪل اسٽورز ۽ ڀاڄين جي دڪان سميت ڪو به دڪان نه کلندو، ناصر شاهه چيو آهي ته، شهري گهرن کان ٻاهر نڪرڻ کان به پاسو ڪن. سنڌ حڪومت پاران صوبي اندر اڄ جمعي ڏينهن مڪمل لاڪ ڊائون جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران جمعي ڏينهن منجهند جو ٽي وڳي تائين مڪمل لاڪ ڊائون لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، ان دوران ڀاڄين، کير، سيڌي سامان، ميڊيڪل اسٽورز سميت عام طور تي لاڪ ڊائون دوران کليو رکيل هجڻ جي اجازت وارو ڪو به دڪان نه کوليو ويندو. ناصر شاهه شهري کي صلاح ڏيندي چيو آهي ته اُهي گهرن کان ٻاهر نه نڪرن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *