Thursday , April 25 2024

اپوزيشن لاهور ۾ جلسو ڪرڻ ۽ حڪومت قانوني ڪارروائي لاءِ تيار

اسلام آباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) اپوزيشن جي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) 13ڊسمبر تي هر حالت ۾ لاهور ۾ جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، حڪومت پاران قانوني ڪارروائي جون تياريون به جاري، قمرالزمان ڪائرا چيو آهي ته ملتان واري جلسي مان حڪومت سمجهي وئي آهي ته اپوزيشن جي تحريڪ طاقت جي زور تي روڪي نه ٿي سگهجي. پي ڊي ايم جي اڳواڻن قمر الزمان ڪائرا، راڻا ثناءُ الله ۽ محمد سيف الله اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته، حڪومت اپوزيشن جي تحريڪ ۾ ڪيتريون ۾ رنڊڪون وجهي پر هاڻي اُها حڪومت جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندي، سليڪٽيڊ حڪمرانن اپوزيشن جي رستا روڪ ڪرڻ لاءِ رستا ۽ طريق تبديل ڪري ڇڏيا آهن، اسانکي خبر آهي ته اهي حربا ڪهڙا آهن ۽ انهن کي ڪيئن منهن ڏيڻو آهي. قمرالزمان ڪائرا چيو ته سياست ۾ ڪجهه ڏيو ڪجهه وٺو تي ڳالهيون ٿينديون آهن، پر موجوده حڪومت سياسي روايتون ختم ڪري ڇڏيون آهن، حڪمرانن مارشل لا کان به بدترين روايتون قائم ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون آهن، هن چيو ته حڪومت کي جيڪو وڻي سو ڪري پر 13هين ڊسمبر تي مينار پاڪستان لاهور ۾ هر حالت ۾ جلسو ٿيندو. راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته حڪومت جيڪي به حربا استعمال ڪري پر مينار پاڪستان تي جلسو هر حالت ۾ ڪنداسين، حڪومت اپوزيشن جي مينار پاڪستان واري جلسي کي ناڪام بڻائڻ لاءِ گرفتارين،نيب، ايف آءِ اي ۽ اينٽي ڪرپشن جي نوٽيسز ذريعي رستا روڪ ڪرڻ چاهي ٿي پر اُهي ئي حربا حڪومت جي ڳچي جو ڦاهو بڻجي ويندا.

ٻئي پاسي پنجاب جي سُڌسماءَ جي صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو هي ته پي ڊي ايم جي تحريڪ ناڪام ٿي چڪي آهي، هاڻي اپوزيشن وارا سياسي موت کان بچڻ لاءِ جلسڙيون ڪري زندهه رهڻ چاهين ٿا، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته، پي ڊي ايم لاهور ۾ جلسو ڪرڻ کان نه مڙيا ته قانون جي اهڙو وار ٿيندو جو هنن جون ننڊون حرام ٿي وينديون.

 

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *