Friday , March 29 2024

اُمِ رُباب چانڊيو کي انصاف ملڻ جي اميد ظاهر ٿي پئي

اُمِ رُباب چانڊيو کي انصاف ملڻ جي اميد ظاهر ٿي پئي

لڳي ٿو جوابدار وڏيرا ۽ وڏا بااثر آهن:چيف جسٽس

اسلام آباد(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ميهڙ گهر آڏو ٽن ڄڻن کي قتل ڪرڻ واري ڪيس جي پوئواري ڪندڙ شهيدن جي وارث نياڻي اُمِ رُباب چانڊيو کي انصاف ملڻ جي اميد ظاهر ٿي پئي آهي، سپريم ڪورٽ مفرور جوابدارن کي گرفتار ڪري ٻن هفتن ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ ۽ 3 مهينن اندر ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، چيف جسٽس چيو آهي ته لڳي ٿو ته جوابدار وڏا بااثر ۽ ٻيا وري وڏيرا آهن آهن. سپريم ڪورٽ ۾ اُمِ رُباب چانڊيو جي خاندان جي قتل بابت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪئي. ٻڌڻي ڪئي. شنوائي دوران چيف جسسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته، پيءُ، پٽ ۽ پوٽو سڀ قتل ٿي ويا، سڄو ڪٽنب اُجڙي ويو پر فريقادڻ کي اڃا تائين ڪو به ريليف ناهي مليو، لڳي ٿو ته ان ڪيس جي پٺيان وڏيرا آهن. چيف جسٽس چيو ته، رڳو آواز اٿاريو هو ته وڏيرن کي نينگرين سان اهڙو سلوڪ نه ڪرڻ گهرجي، درخواستگذار جي وڪيل فيصل صديقي عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪرائي آهي. ڊي آءِ جي جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ ڇاپا هنيا، ام رباب چانڊيو کي عدالت وڃڻ جي لاءِ به تحفظ جي ضرورت پئجي رهي آهي.

ان موقعي تي ارم رباب چانڊيو جو چوڻ هو ته منهنجي ڪيس کي ڪراچي منتقل ڪري ڇڏيو، ميهڙ ۾ خطرن کي منهن ڏئي رهي آهيان. جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ان جي لاءِ توهان کي هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ڏيڻي پوندي. بعد ۾ عدالتي حڪم نامي ۾ چيو ويو ته پوليس اختياريون دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت حيدرآباد ۾ چالان جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، ڪيس منتقلي جي درخواست سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، عدالت 15 ڏينهن ۾ درخواست تي فيصلو ڪري. سپريم ڪورٽ مفرور جوابدارن کي گرفتار ڪري ايندڙ 15 ڏينهن اندر گرفتار ڪري انهن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته، ٽرائل ڪورٽ جوابدار سردار خان چانڊيو جي ضمانت رد ٿيڻ تي 3 هفتن ۾ فيصلو ڪري. عدالت عظميٰ حڪم ڏنو ته ارم رباب چانڊيو ۽ خاندان کي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي ۽ ڪيس جو ٽرائل 3 مهينن ۾ مڪمل ڪيو وڃي جڏهن ته گڏوگڏ ئي پوليس کي هر مهيني اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *