Friday , March 29 2024

اي ڊي خواجا ئي آءِ جي سنڌ رهندو،ٻن مهينن دوران پوليس آفيسرز جون بدليون ۽ مقرريون رد

Sindh High Court buld

سنڌ هاءِ ڪورٽ انسپيڪٽر جنرل سنڌ پوليس الهه ڏنو خواجا جي بدلي وارو حڪم رد ڪندي گذريل ٻن مهينن دوران پوليس آفيسرز جون ڪيل سموريون مقرريون ۽ بدليون رد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ اي ڊي خواجا کي آءِ جي سنڌ جي عهدي تي برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت جو چوڻ آهي ته آءِ جي سنڌ کي مڪمل طور بااختيار بڻايو وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ اهڙو فيصلو آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي بدلي ڪرڻ خلاف داخل ڪيل هڪ جهڙين 2 کان وڌيڪ درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي ڏنو آهي.

عدالت اي ڊي خواجا کي هٽائڻ خلاف داخل درخواستن تي ٻڌڻيون ڪرڻ دوران سنڌ حڪومت ۽ درخواست گذارن جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو30 مئي تي محفوظ ڪري ڇڏيو هو جيڪو خميس ڏهاڙي ٻڌايو ويو آهي. آءِ جي سنڌ کي سندس عهدي تان نه هٽائڻ واري فيصلي خلاف سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ سرڪار پاران هن ڪيس ۾ پيش ٿي موقف پيش ڪندڙ ايڊووڪيٽ جنرل بئريسٽر ضمير گهمرو چيو آهي ته، فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ وينداسين. عدالتي فيصلو مجموعي طور تي سنڌ حڪومت جي حق ۾ آهي. ضمير گهمرو جو چوڻ آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبائي خودمختياري کي به قبول ڪيو آهي.

suhail anwar sialAD KHUWAJA

ٻي طرف سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته، آءِ جي سنڌ کي مڪمل اختيار ڏنا وڃن. فيصلي مطابق ٻه مهينا اڳ 7 جولاءِ 2017 کانپوءِ 7 سيپٽمبر 2017 تائين گهرو گهرو وزير، گهرو کاتي جي سيڪريٽريءَ پاران پوليس آفيسرز جون ڪيل سموريون بدليون ۽ مقرريون به رد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جنهن بعد ڪيل بدليون 6 ۽ 7 جولاءِ 2017 واري پوزيشن ۾ اچي وينمدويون. اهڙي فيصلي کانپوءِ سنڌ جي تقريبن سمورن ضلعن جا پوليس آفيسرز پنهنجين ساڳين پوزيشنز تي هليا ويندا.

سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنيج حڪم ۾ اهو به واضع ڪرائي ڇڏيو آهي ته جيڪو به پوليس آفيسرآءِ جي سنڌ جا حڪم نه مڃي ته آءِ جي سنڌ ان آفيسر خلاف ڪارروائي ڪري سگهي ٿو، جنهن جو پوليس ايڪٽ به کيس کي مڪمل اختيار ڏئي ٿو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب آءِ جي سنڌ کي وقت کان اڳ هٽائي نٿو سگهجي. عدالت موجب پوليس ۾ سڌارا ضروري آهن. سنڌ پوليس جي ڪمانڊ آءِ جي سنڌ وٽ آهي. واضح رهي ته اي ڊي خواجا کي هٽائڻ جا حڪم هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيا ويا هئا، عدالت آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ لاءِ 3 اپريل 2017 تي حڪم معطل ڪيو. درخواست گذار جي وڪيل فيصل صديقي، سنڌ سرڪار جي ايڊووڪيٽ جنرل بيريسٽر ضمير گھمرو، آءِ جي سنڌ جي وڪيل شھاب اوستو ۽ وفاقي اٽارني جنرل سلمان طالب الدين جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو ويو ھو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *