Friday , April 26 2024

اي پي ايس سانحو ! وزيراعظم عمران خان پهريون ڀيرو سپريم ڪورٽ ۾ پيش

اسلام آباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) آرمي پبلڪ اسڪول تي دهشتگردن جي حملي ڪيس ۾ پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي، عدالت پاران طلب ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان شارٽ نوٽيس تي  پهريون ڀيرو عدالت آڏو پيش ٿيو. عدالت ۾ پيشي دوران، عدالت جي طلبي تي ڪورٽ روم ۾ موجود وزيراعظم عمران خان، چيف جسٽس چيو ته؛ وزيراعظم صاحب اوهان اچو، جنهن تي وزيراعظم عمران خان روسٽرم تي آيو. جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته والدين کي تسلي ڏيارڻ ضروري آهي، اي پي ايس سانحي ۾ شهيد ٻارڙن جا والدين چاهين ٿا ته اي پي ايس سانحي وقت جون اعليٰ  اختياريون قانون جي ڪٽهڙي ۾ اچن ۽ انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس، جسٽس گلزار احمد، وزيراعظم کان پڇيو ته؛ آرمي پبلڪ اسڪول سانحي ڪيس بابت ڇا ڪري رهيا آهيو؟، جنهن تي وزيراعظم عمران خان عدالت کي ٻڌايو ته، ” جيڪي به ممڪن قدم کڻي سگهياسين اُهي قدم کنيا، ان وقت صوبي (ڪي پي ڪي) ۾ اسان جي حڪومت هئي“، وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته، ” مون چيو هو ته اسان کي آمريڪا جي جنگ ۾ شامل نه ٿيڻ گهرجي، ان معاملي ۾ اسان کي اڻڌريو رهڻ گهرجي“. عدالت آڏو روسٽرم تي موجود رهندي وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته، “ٻين جي جنگ وڙهندي اسان جا 80 هزار ماڻهو شهيد ٿيا، اسان کي خبر ئي ڪونه هئي ته اسان جو دوست ڪير آحي ۽ دشمن ڪير آهي؟، دهشتگردي خلاف جنگ انڪري کٽي ڇو ته قوم اسان سان گڏ هئي“. ان موقعي تي جسٽس قاضي امين رمارڪس ڏيندي چيو ته، ” ماضي ۾ وڃڻ جي ڪا به ضرورت ناهي، اهو ٻڌايو ته هن وقت تائين ڪنهن کي پڪڙيو آهي؟“، جسٽس اعجازالاحسن چيو ته، ”رپورٽ مطابق ڪي به خاص قدم نه کنيا ويا هئا، حڪومت  ڪي خاص قدم کنيا آهن ته اُهي عدالت کي ٻڌايو، پاڪستان جو آئين هر پاڪستاني جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي ضمانت ڏئي ٿو“. جنهن تي وزيراعظم عمران خان عدالت آڏو بيان ڏيندي چيو ته، ” جنهن وقت هي سانحو پيش آيو ته مان فوري طور تي پشاور پهتس ۽ والدين سان ملاقات به ڪئي هئي“، جنهن تي چيف جسٽش گلزار احمد پڇيو ته، ”رياست ٻارڙن جي والدين کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڇا ڪيو؟، ان تي وزيراعظم ٻڌايو ته، ” مان ته ان وقت حڪومت ۾ نه هئس“. ان تي جسٽس قاضي امين رمارڪس ڏيندي چيو ته، ” ميڊيا رپورٽس مطابق، اوهان ته انهن ماڻهن سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيو؟”. جنهن تي وزيراعظم عمران خان چيو ته، مونکي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو وڃي، هڪ هڪ پوائنٽ جي وضاحت ڪيان ٿو”، جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته، ”اسان کي واهنا جي پاليسي فيصلن سان ڪجهه نه وڃي، اسان اهو ڄاڻن چاهيون ٿا ته هيترا سال گذري ويا ان بعد به مجرمن جو پتو نه پئجي سگهيو آهي“. جنهن بعد عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي اي پي ايس سانحي بابت اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي هڪ مهيني تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سپريم ڪورٽ اي پي ايس سانحي ڪيس ۾ وزير اعظم کي طلب ڪيو ته عدالتي احاطي ۽ سپريم ڪورٽ طرف ايندڙ ويندڙ رستن تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا، عدالتي  ڪمري ۾ اي پي ايس سانحي ۾ شهيد ٿيل ٻارڙن جا والدين، وزيراعظم عنمنران خان، اٽارني جنرل آف پاڪستان، وفاقي وزير ۽ لاڳاپيل اختيارين جا عملدار به عدالتي ڪمري ۾ موجود هئا. چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراھي ۾ 3 رڪني بينچ آرمي پبلڪ اسڪول تي ٿيل حملي متعلق ڪيس جي ٻڌڻي دوران درخواستگذارن جو چوڻ ھو تھ اي پي ايس حملي ۾ اسان پنھنجا ٻچڙا وڃايا آھن پر ڪجھ ناھي ٿيو، معاملي جي جاچ ڪري جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي. عدالت اٽارني جنرل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هي واقعو سيڪيورٽي ليپس هو، حڪومت کي هن جي ذميواري قبول ڪرڻ گهرجي، هن وقت جي سمورن عسڪري ۽ سياسي عملدارن کي هن جو اطلاع هجڻ گهرجي ها، چيف جسٽس چيو ته اسان جي ايجنسين ۽ ادارن کي سڀ خبر هوندي آهي پر جڏهن اسان جي پنهنجي ماڻهن جي سيڪيورٽي جو مامرو ايندو آهي ته ناڪام ٿي ويندا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *