Tuesday , April 16 2024

ايڊووڪيٽ جنرل صاحب!ڪراچي ۾ غيرقانوني هائيڊرنٽس جي معاملي تي ڪريڊٽ ڪيئن ٿا کڻڻ چاهيو؟پاڻمرادو نوٽيس اسان ورتو هو: سپريم ڪورٽ

ڪراچي ( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ ) غيرقانوني هائيڊرنٽس واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس جڏهن رمارڪس ڏنا ته شهر ۾ غيرقانوني هائيڊرنٽس ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيا ويندا، ته ان تي ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ عدالت کي چيو ته هائيڊرنٽس مان واٽر بورڊ جي ريوينيو ۾ هڪ ڪروڙ کان 8 ڪروڙ رپين تائين جو اضافو ٿيندو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ايڊوڪيٽ جنرل صاحب! اوهان ڪيئن ان معاملي ۾ مداخلت ڪري سگهو ٿا، انهي معاملي جو ڪريڊٽ اوهان ڪيئن کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو، پاڻمرادو نوٽيس ته اسان ورتو آهي، جيڪي هائيڊرنٽس بند ڪري ڇڏيا، سي بند ئي رهندا.سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ غير قانوني هائيڊرنٽس بابت 24 اپيلون رد ڪري ڇڏيون، چيف جسٽس چيو آهي ته پاڻي چوري ۽ غيرقانوني هائيڊرنٽس ڪنهن صورت ۾ قبول نه ڪيا ويندا، کوهه کوٽڻ نه ڏينداسين، سمورا غيرقانوني هائيڊرنٽس بند رهندا. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار، جسٽس فيصل عرب ۽ جسٽس سجاد علي شاهه تي ٻڌل 3 رڪني بئنچ ڪراچي ۾ غير قانوني هائيڊرنٽس بابت پاڻمرادو نوٽيس واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت 24 هائيڊرنٽس مالڪن جون اپيلون رد ڪندي چيو ته هائيڊرنٽس جا مالڪ وڃي واٽر بورڊ خلاف ازالي جو ڪيس داخل ڪرائين.

چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪراچي ۾ غير قانوني هائيڊرنٽس ۽ پاڻي جي چوري برداشت نه ڪئي ويندي، کوهه کوٽڻ نه ڏينداسين، سمورا هائيڊرنٽس بند رهندا. ٻڌڻي دوران ايم ڊي واٽر بورڊ هاشم رضا زيدي هائيڊرنٽس جي خاتمي بابت عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو ته ڪراچي جي هر ضلعي ۾ هڪ هائيڊرنٽ قائم آهي، وڌيڪ 18 هائيڊرنٽس ختم ڪيا ويا آهن. هن عدالت کي خاطري ڪرائي جيڪو غير قانوني هائيڊرنٽ هوندو، ان علائقي جي آفيسر خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ايم پي اي حفيظ الدين عدالت کي ٻڌايو ته انڊسٽريل ايريا ۾ هائيڊرنٽس بدران پاڻي لائين مان چوري ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته هائيڊرنٽس بند ٿيڻ سان چور جديد طريقا استعمال ڪندا. چيف جسٽس آف پاڪستان حڪم ڏنو ته جن فيڪٽرين کي غير قانوني ڪنيڪشن يا پاڻي ملي رهيو آهي، اهي فوري طور ختم ڪري انهن جي لسٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي. عدالت واٽر بورڊ جي ايم ڊي کي چيو ته اوهان لکي ڏيو ته هاڻي ڪوبه غيرقانوني هائيڊرنٽ قائم نه ٿيندو، عدالت رمارڪس ۾ چيو ته حلف نامي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 6 مهينا قيد جي سزا ملي سگهي ٿي. عدالت سمورا غيرقانوني هائيڊرنٽس بند رکڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس کي اڪلائي ڇڏيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *