Friday , April 19 2024

ايڊز سنڌ ۾ وبائي صورت اختيار ڪري ورتي، مريضن جو انگ 355 کان وڌي ويو

لاڙڪاڻو ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ ايڊز جي ايڇ آءِ وي پازيٽو وائرس تيزي سان ظاهر ٿي رهيو آهي، لاڙڪاڻي ضلعي جي رتوديرو ۽ نئون ديرو تعلقن ۾ وڌيڪ 17 ڄڻن کي ايڇ آءِ  وي پازيٽو هجڻ جي تصديق ٿيڻ کانپوءِ مريضن جو انگ وڌي 355 ٿي ويو آهي. رتوديرو ۾ قائم ٿيل ڪئمپ ۾ مختلف علائقن کان پهتل ماڻهن جي اسڪريننگ ٽيسٽ ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي رتوديرو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ايڊز جي وبائي صورت اختيار ڪرڻ باوجود لاڙڪاڻي جي اسپتالن ۾ علاج جون سهولتن واري حڪومتي اعلانن تي اڃا تئين ڪو به عمل ٿي ناهي سگهيو، جنهن جي نتيجي ۾ متاثر مريضن کي علاج ڪرائڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. ايڊز جي مريضن جو علاج ڪرڻ لاءِ صرف شيخ زيد چلڊرين اسپتال ۾ 2 ڊاڪٽرز مقرر ڪيا ويا آهن، ايڊز جي مرض سبب وڌي 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، جنهن کانپوءِ هڪ مهيني ۾ ايڊز وگهي فوت ٿيلن جو انگ 12 ٿي ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *