Friday , March 29 2024

ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر جي سزا معطلي برقرار

ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر جي سزا معطلي برقرار، نئب جي اپيل رد

اسلام آباد(سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايون فيلڊ ڪرپشن ريفرنس ۾ نواز شريف جي هڪ ٻي ڪاميابي، سپريم ڪورٽ، نمواز شريف، سدس ڌيءُ مريم نواز ۽ ناٺي ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر کي احتساب عدالت پاران مليل سزا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي معطلي واري فيصلي کي برقرار رکندي نئب جي اپيل رد ٿي وئي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ نيب جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، نيب ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي سزا معطلي وارو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ختم/ڪالعدم ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي. نوازشريف جي وڪيل خواجا حارث موقف اختيار ڪندي چيو ته 17 نقطا آهن، جن تي عدالت بحث جو چيو هو، چيف جسٽس ساڻس مخاطب ٿيندي چيو ته اسان ان تي ڳالهائي چڪا آهيون، اوهان ويهي رهيو، پهريون نيب جو موقف ٻڌي ٿا وٺون. نئب پراسڪيوٽر اڪرم قريشي چيو ته سزا معطلي ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ قانوني گهرجن کي نظر ۾ نه رکيو، ڪيس جي ميرٽ تي ڳالهه ڪئي وئي، جيڪو هاءِ ڪورٽ جو اختيار ناهي، خواجا حارث چيو ته مان 17 قانوني نقطا جمع ڪرايا ويا آهن.

چيف جسٽس چيو ته اسان کي ناهي خبر ته اسان اهي سمورا نقطا ٻڌنداسين يا نه، اسان اوهان کي بعد ۾ ٻڌي وٺنداسين، پهريان نيب جي وڪيل کي ٻڌون. چيف جسٽس نيب جي وڪيل سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي سموري حقيقت خبر آهي، ان کان هٽي ڪري اوهان ڪهڙي بنياد ۽ ڪهڙن اصولن تي ضمانت رد ڪرائڻ چاهيو ٿا. چيف جسٽس ثاقب نثار پڇيو ته، به ٻڌايو ته ڇا هاءِ ڪورٽ کي سزا معطل ڪرڻ جو اختيار هو؟ نئب جي وڪيل چيو ته ضمانت جي ڪيس ۾ ميٽرٽ کي نه ٿو ڏسي سگهجي، پر هاءِ ڪورٽ ميرٽ کي ڏٺو، هن ڪيس ۾ هاءِ ڪورٽ ٽرائل ڪورٽ جي ميرٽ تي وئي، جيڪو اختيار اورانگهڻ هو، هاءِ ڪورٽ خاص حالتن کي بنياد بڻايو. ان موقعي تي بئنچ جي ميمبر هڪ ٻئي جج، جسٽس گلزار احمد چيو ته پر، ضروري ناهي ته اهي حالتون واقعي ائين هجن، چيف جسٽس نيب جي وڪيل کي چيو ته اوهان اسان کي مطمئن ڪيو ته اسان سزا معطلي واري هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم / ختم ڇو ڪيون؟. جسٽس گلزار احمد به نئب وڪيل کي چيو ته اوهان ڪهڙي بنياد تي ضمانت رد ڪرائڻ چاهيو ٿا، نئب جي وڪيل چيو ته مان سپريم ڪورٽ جي ڪيسن جي بنياد تي ئي چئي رهيو آهيان، رڳو هارڊشپ جي اصولن تي ضمانت ٿي سگهي ٿي، نوازشريف ۽ مريم نواز جي ضمانت هارڊ شپ جي اصولن تي ناهي ٿي.

جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته نوازشريف ته باقاعدگي سان عدالتي ڪارروائي جو حصو بڻجندو رهيو آهي، پوءِ اوهان ڇو سزا معطلي خلاف فيصلو چاهيو ٿا، سزا معطلي فيصلي خلاف اوهان وٽ پڪا ثبوت ۽ ٺوس قانوني دليل هجڻ گهرجن. چيف جسٽس نيب جي وڪيل کي چيو ته ضمانت فيصلي ۾ ڏني وئي، آبزرويشن وقتي هوندي آهي، ضمانت ڇو رد ڪيون، قانوني دليل ڏيو، جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته هاءِ ڪورٽ ڊگهو فيصلو لکيو، مختصر ٿي سگهي پيو، ڪهڙي بنياد تي ضمانت رد ڪرائڻ چاهيو ٿا؟ ڇا ضمانت جو غلط استعمال ٿيو آهي؟. ان موقعي تي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار چيو ته جيڪڏهن هاءِ ڪورٽ غلط اصول تي ضمانت ڏني ته ڇا اسان به رد ڪري ساڳي غلطي ورجائيون؟ هڪ شئي سمجهي ڇڏيو ته، عبوري حڪم ڪڏهن به حتمي ناهي هوندو، عبوري حڪم حتمي حڪم تي به اثر انداز ناهي ٿيندو. جسٽس گلزار احمد چيو ته جهن بنياد تي نوازشريف کي سزا ملي، ان ئي بنياد تي سندس ضمانت به ٿي، اوهان ته ان بنياد کي ئي چيلينج ناهي ڪيو. جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته هاءِ ڪورٽ پاڻ ئي چيو هو ته آبزرويشن حتمي ناهي، رڳو انتهائي بيماري ۽ علالت سبب ضمانت ٿي سگهي ٿي، هاءِ ڪورٽ غير ضروري طور تي اختيار ناهن اورانگهيا.

عدالت آڏو دليل ڏيندي نئب جي وڪيل چيو ته، هارڊ شپ جي بنياد تي ضمانت ناهي ٿي، جنهن تي جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته پر اهو اوهان جو ڪو پڪو بنياد ناهي، جنهن بعد سپريم ڪورٽ نيب جي اپيل رد ڪري ڇڏي. واضح رهي ته اسلام آباد جي احتساب عدالت ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نوازشريف کي 10 سال، مريم نواز کي 7 ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر کي هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اها سزا معطل ڪندي ٽنهي کي ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو هو، نيب سزا معطلي واري فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو، سپريم ڪورٽ اڄ نيب جي اپيل رد ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *