Thursday , April 25 2024

ايون فيلڊ ريفرنس ۾ احتساب عدالت جو فيصلو مفروضن جي بنياد تي آهي: جسٽس اطهر من الله

اسلام آباد( رپورٽر    سنڌسماءَچار) نوازشريف ۽ ٻين جي سزا معطلي بابت درخواستن جي شنوائي دوران، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج، جسٽس اطهرمن الله چيو آهي ته، بظاهر محسوس ٿي رهيو آهي ته ايون فيلڊ ريفرنس ۾ احتساب عدالت جو فيصلو مفروضن جي بنياد تي آهي، فرد جرم ۾ جڏهن مريم نواز جي اثاثن جو ذڪر نه آهي ته پوءِ کيس سزا ڇو ڏني وئي؟ مريم نواز کي نائين اي تحت سزا ڏئي نه ٿي سگهجي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نوازشريف ۽ ٻين جي سزا معطلي بابت درخواستن تي ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪرڻ واري درخواست منظور ڪري ورتي، جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ملڪيت نوازشريف جي آهي ته مريم نواز کي ڪيئن سزا ٿي؟ مريم نواز کي 9 اي تحت سزا نٿي ڏئي سگهجي، ظاهري طور احتساب عدالت جو فيصلو فرضي لڳي ٿو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نوازشريف ۽ ٻين جي سزا معطلي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، نيب پراسيڪيوٽر پنهنجا دليل ڏنا.

ٻڌڻي دوران جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته ملڪيت نوازشريف جي آهي ته مريم نواز کي ڪيئن سزا ٿي؟ جسٽس اطهر من الله چيو ته فرد جرم ۾ چيو ويو ته ڄاڻايل اثاثا نوازشريف جا آهن، اهو ناهي چيو ويو ته مريم نواز اثاثن جي مالڪ آهي. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته، مريم نواز کي 9 اي تحت سزا نٿي ڏئي سگهجي، اثاثا آمدني کان وڌيڪ آهن، اهو فرد جرم 2 ماڻهن تي ڪيئن لڳو؟ .جسٽس اطهر من الله پڇا ڪئي ته ڇا فرضي ڳالهه تي ڪنهن کي سزا ٻڌائي سگهجي ٿي؟  جسٽس اطهر من الله چيو ته ظاهري طور احتساب عدالت جو فيصلو فرضي لڳي ٿو، مريم نواز نواز شريف جي معاونت ڪئي ته اثاثن تي سزا ڪيئن ٻڌائي وئي؟ نيب پراسيڪيوٽر سردار مظفر چيو ته منهنجي اوپن هارٽ سرجري ٿي آهي، سڀاڻي 30 منٽن ۾ ڪيس ختم ڪندس. جنهن تي جسٽس اطهر من الله نيب پراسيڪيوٽر کي چيو ته اوهان جيڪي به دليل ڏنا آهن، سٺا ڏنا آهن، جيڪڏهن اوهان  سڀاڻي نه به آيا ته جهانزيب ڀروانا دليل ڏيندو. جسٽس اطهر من الله چيو ته جيڪڏهن سڀاڻي دليل مڪمل نه ڪيا ويا ته پوءِ فيصلو ٻڌائي ڇڏينداسين.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *