Saturday , April 20 2024

اين ٽي ايس پاس استادن کي پڪو ڪرڻ لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي:تعليم کاتي جو قانون واري کاتي کي خط

ڪراچي ( سنڌسماءَچار نيوز) تعليم کاتي اين ٽي ايس، سنڌ يونيورسٽي ۽ آءِ بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس ڪيل ڪانٽريڪٽي استادن کي پڪو ڪرڻ لاءِ قانوني رڪاوٽون ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ تعليم کاتي قانون واري کاتي کي قانون سازي ڪري سنڌ اسيمبلي مان منظور ڪرائڻ لاءِ خط لکيو آهي. تعليم کاتي پاران قانون واري کاتي کي لکيل خط ۾ واضع طور چيوويو آهي ته، اين ٽي ايس، سنڌ يونيورسٽي ۽ آءِ بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس ڪيل استادن کي مستقل ڪرڻ لاءِ سنڌ ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن بعد وڏي وزير به ان جي منظوري ڏني آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته، ڪانٽريڪٽي استادن کي قانوني مونجهارا آهن انڪري نئين سر قانون سازي ڪرڻي پوندي. خط مطابق قانون واري کاتي کي چيو ويو آهي ته، استادن کي پڪو ڪرڻ لاءِ قانوني رڪاوٽون ختم ڪرڻ خاطر سنڌ اسيمبلي مان نئين سر قانون سازي ڪرائي منظوري ورتي وڃي؛ جيئن ڪانٽريڪٽ تي مقرر استادن کي وڏي وزير ۽ سنڌ ڪابينا جي فيصلي تي عمل ڪرائي سگهجي. تعليم جي وزارت لکيل خط ۾ ڄاڻايو آهي ته قانون جي وزارت ايڪٽ جي منظوري لاءِ سمري سنڌ اسيمبلي ڏانهن موڪلي. خط ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ يونيورسٽي ۽ آئي بي اي ٽيسٽ پاس استادن کي پڪو ڪرڻ لاءِ قانون سازي لاءِ اسيمبلي کي سمري موڪلي. واضح رهي ته 15هزار اين ٽي ايس استادن کي مستقل ڪرڻ بابت سنڌ  ڪابينا پهريان ئي منظوري ڏئي چڪي آهي. تعليم جي وزارت پنهنجي خط ۾ زور ڀريو آهي ته هن معاملي کي انتھائي اهم سمجھي  اھميت ڏني وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *