Saturday , April 20 2024

اين ٽي ايس پاس استادن تي سنڌ سرڪار جي حڪمن تي بي رحماڻو تشدد، استادن مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال شروع ڪري ڇڏي

ڪراچي ( اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت پنهنجي روايت قائم رکندي، پڪي ڪرڻ سميت ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ پرامن احتجاج ڪندڙ  اين ٽي ايس پاس استادن تي بي رحماڻو تشدد جو نشانو بڻايو، پوليس استادن کي ڦوهارا چوڪ ويجهو لٺ بازي، واٽر ڪينن ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال ڪري 5 ڄڻن کي زخمي ڪري 100 کان وڌيڪ استادن کي ڪيترائي ڪلاڪ لاڪ اپ ڪري ڇڏيو. استادن مطالبن جي مڃتا تائين پريس ڪلب آڏو مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال شروع ڪري ڇڏي آهي. ڪراچي ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب کان وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ ڪرڻ دوران گرفتار ڪيل سمورن استادن کي آزاد ڪيو ويو آهي، استاد اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ڪمشنر ڪراچي سڀاڻي مطالبن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، پ ٽ الف جي هڪ ڌڙي سڀاڻي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪيو آهي.

سنڌ يونيورسٽي، اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ۽ پرائمري اسڪول جي استادن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪراچي پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کانپوءِ وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ شروع ڪيو ته، پوليس احتجاج ڪندڙ استادن مٿان ڪڙڪي پئي. پوليس استادن کي سي ايم هائوس طرف ڏانهن وڃڻ کان روڪڻ لاءِ واٽر ڪيننز، ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال ڪيو ۽ لٺ بازي ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 5 کان وڌيڪ استادن جا مٿا ڦاٽي پيا. پوليس چڪرين دوران استان اڳواڻ محمد شفيع سميت احتجاج ڪندڙ هڪ سئو کان وڌيڪ استادن کي گرفتار ڪري مختلف ٿاڻن تي منتقل ڪري ڇڏيو. ڪمشنر ڪراچي اعجاز احمد خان آرٽلري ميدان ٿاڻي تي پهچي استاد اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون، جنهن بعد گرفتار ڪيل سمورن استادن کي آزاد ڪيو ويو آهي.

استاد اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ڪمشنر ڪراچي سمورا مطالبا تسليم ڪرڻ ۽ سڀاڻي نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. آزاد ٿيل سمورا استاد ٻيهر پريس ڪلب وٽ پهچي ڌرڻو هنيو ۽ علامتي بک هڙتال شروع ڪئي آهي. احتجاج ڪندڙ استادن جو چوڻ آهي ته مستقلي لاءِ ٻيهر ٽيسٽ هرگز قبول نه ڪئي ويندي، 16هون اسڪيل ۽ اسڪولن کي جهوپڙين بدران پڪين عمارتن ۾ تبديل ڪرڻ سندن جائز مطالبا آهن، جن تان ڪنهن به صورت ۾ هٿ نه کنيو ويندو. ٻئي پاسي پ ٽ الف جي هڪ ڌڙي پاران استادن تي تشدد خلاف سڀاڻي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پ ٽ الف اڳواڻن انتظار ڇلگري ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته استادن تي تشدد مذمت جوڳو عمل آهي، حڪومت جي زيادتين خلاف 15 جنوري تي بلاول هائوس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *