Friday , April 19 2024

اين ٽي ايس ٽيسٽ معاملو: سيڪريٽري صحت جاچ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي

سنڌ جي سمورن ميڊيڪل ڪاليجز ۾ داخلائن لاءِ 22 آڪٽوبر تي ٿيل اين ٽي ايس ٽيسٽ جو پيپر آئوٽ ٿيڻ واري معاملي جي جاچ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سيڪريٽري صحت پاران ڊاڪٽر نديم اختر کي معاملي جي جاچ ڪري رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ٻي طرف سڄي سنڌ ۾ متاثر شاگردن ۽ سندن والدين پاران احتجاجي مظاهرن جو به سلسلو جاري آهي. سيڪريٽري صحت ڊاڪٽر فضل الله پيچو هو اين ٽي ايس ٽيسٽ جو پيپر آئوٽ ٿيڻ جو نوٽيس وٺي جاچ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. سيڪريٽري پاران ڊاڪٽر نديم اختر جي سربراهي ۾ جاچ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.

اين ٽي ايس ٽيسٽ پيپر آئوٽ ٿيڻ خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو سلسلو جاري

سنڌ جي ميڊيڪل يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ ورتل انٽري ٽيسٽ جو پرچو آئوٽ ڪرڻ خلاف مختلف شهرن ۾ شاگردن ۽ سندن والدين پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. ٺٽي ۾ شاگردن شفيع الله، بلاول مغل، شيراز واريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾جامع مسجدکان احتجاجي ريلي ڪڍي رڪشا اسٽاپ تي ڌرڻو هنيو. سجاول ۾ شاگردن ۽ سندن والدين ڊاڪٽر هوتچند، مهتاب لوهار، سنيل ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد پبلڪ پارڪ تي ڌرڻو هنيو. مٺي ۾شاگردن، استادن ۽ شهرين ضلعي ڪائونسل چيئرمين ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو ۽ ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽرمنوج ملاڻي جي اڳواڻي ۾ ڪاليج کان ريلي ڪڍي ڪشمير چوڪ تي ڌرڻوهنيو ۽ نعريبازي ڪئي. ڪشمور ۾ شاگردن  محمد اسماعيل سومرو ۽ نريش ڪمار جي احتجاجي مظاهرو ڪري مين روڊ تي ڌرڻو هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

جيڪب آباد ۾ شاگردن عثمان چانڊيو ۽ وقاص احمد جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ٺل ۾ شاگردن ڪاشف نوناري ۽ ضمير احمد جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ٽنڊي آدم ۾شاگردن فيصل بيهڻ ۽ انزلا آرائين جي اڳواڻي ۾پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. عمرڪوٽ ۾ شاگردن صبا بجير، حنا، انيس، اتمچند، اجي ڪمار، سني ڪمار، پرتاب راءِ  ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪرڻ بعد ريلي ڪڍي ڊپٽي ڪمشنر آفيس آڏو ڌرڻو ھنيو. احتجاج ڪندڙن چيو ته يونيورسٽي جي انٽري ٽيسٽ جو پرچو اڳواٽ آئوٽ ڪرڻ حقدار شاگردن جي حق تي ڌاڙو هڻڻ جي برابر آهي. احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته ورتل انٽري ٽيسٽ رد ڪري ٻيهر ٽيسٽ وٺي متاثر شاگردن سان انصاف ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *