Friday , April 19 2024

اين ٽي ايس استاد ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ خلاف رستن تي، ٻيهر ٽيسٽ لاءِ شرط رکي ڇڏيا

ڪراچي ( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اين ٽي ايس پاس استادن ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ لاءِ تعليم کاتي جي صوبائي وزير، سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن کي به ٽيسٽ ۾ ويهڻ جو شرط رکي ڇڏيو آهي. اين ٽي ايس پاس استادن ٻيهر ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ شرط رکيو آهي ته،جيڪڏهن، تعليم کاتي جو صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر، سيڪريٽري، سمورا  ڊائريڪٽرز، ڊي اي اوز ۽ ٽي اي اوز کي به ٽيسٽ ۾ ساڻن گڏ ويهاريو وڃي ۽ انهن مان به جيڪي پاس ٿين ته کين ٻيهر نوڪرين تي بحال رکيو وڃي، ٻي صورت ۾ انهن کي به نوڪرين مان ڪڍيو وڃي.

سکر  ۾ اين ٽي ايس ۽ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس استادن پاران پڪو نه ڪرڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي ته گسٽا اڳواڻن مقصود مهيسر، شھزاد عباسي،  نظير شر ۽ ٻين ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت هزارين استادن پڪوڪرڻ بدران نوڪري مان ڪڍي رهي آھي.استادن حڪمرانن کان مطالبو ڪيو ته  پڪو ڪري استادن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻئي صورت ۾ سنڌ جي استادن جون سمورين تنظيمن پاران سي ايم هائوس آڏو ڌرڻو هيو ويندو. نوابشاهه ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪندڙ استادن پاران ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ واري عمل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.  ان موقعي تي مظاهرين چيو ته ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ جو راڳ جيڪو ڇيڙيو ويو آهي، سندن انهي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا.

هنن چيو ته سندن چيلينج ڪيون ٿا ته صوبائي وزير اسڪولن ۾ اچي شاگردن کان ٽيسٽ وٺي، جيڪڏهن اهي فيل ٿيا ته سندن نوڪري تان استعيفا ڏئي ڇڏنداسين. هنن چيو ته ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ وارو آرڊر اسان کي قبول نه آهي، جيڪڏهن آرڊر واپس نه ورتو ويو ته سنڌ جا 21 هزار 500 استاد ڪراچي ۾ اچي ڌرڻو هڻندا. هالا ۾ پرائمري ٽيچرز ايسوسيئيشن سنڌ پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڀٽائي جي نگري کان ڪراچي تائين پيادل مارچ جو آغاز ڪيو ويو. پ ٽ الف سنڌ جي صدر شفيع محمد سيٺيو جي اڳواڻي ۾ ڪيترن ئي استادن مطالبن جي مڃتا لاءِ ڀٽائي جي درگاهه تي حاضري ڀري پيادل مارچ جو آغاز ڪري حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ڀٽائي جي نگري کان شروع ڪيل استادن جو پيادل مارچ 25 ڊسمبر تي ڪراچي پھچي سي ايم ھائوس آڏو ڌرڻو ھڻندو. استادن جو چوڻ هو ته 16هون گريڊ ڏيڻ واري سمري منظور ٿي چڪي آهي پر ان تي عمل درآند نه پيو ڪيو وڃي، هنن چيو ته ڪراچي جيان سنڌ يونيورسٽي جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ استادن کي پڪو ڪيو وڃي، ٽيچرز ڪوٽا بحال ڪئي وڃي. لاڙڪاڻي ۾ سنڌ يونيورسٽي ۽ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس استادن کان ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ واري حڪومتي فيصلي خلاف پ ٽ الف پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. محمد اسلم ديدڙ ۽ علي رضا شاهه جي اڳواڻي ۾ استادن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

هنن چيو ته سنڌ حڪومت پاران سنڌ يونيورسٽي ۽ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪندڙ استادن کان ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ وارو فيصلو غلط آهي.  سنڌ حڪومت استادن کي پڪو ڪرڻ بدران ٻيهر ٽيسٽ وٺي بيروزگار ڪرڻ چاهي ٿي. هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته استادن کان ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ وارو فيصلو واپس وٺي استادن کي پڪو ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. اسلام ڪوٽ  ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس استادن پاران  ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ ۽ پڪو نه ڪرڻ  خلاف ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويوآهي. سنڌ سرڪار پاران مختلف ادارن ذريعي ٽيسٽ وٺڻ بعد  ڀرتي ڪيل استادن کي پڪو نه ڪرڻ خلاف پ ٽ الف جي اڳواڻن عبدالعزيز هنڱورجو، جمعون مل، حاڪم جنجهي جي اڳواڻي ۾ ٽائون موڙ وٽ ڌرڻو هڻڻ بعد پريس ڪلب تائين  احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾  استادن کي تنگ ڪرڻ لاءِ سرڪار هر روز نوان شوشا ڇڏي بيچيني پيدا ڪري رهي آهي، هر کاتي ۾ ٽن سالن بعد ملازم کي پڪو ڪيو وڃي ٿو پر تعليم کاتي ۾ سالن کان ڊيوٽيون ڪندڙ استادن کي پڪو نٿو ڪيو وڃي ۽ ڪانٽريڪٽ تي هلايو پيو وڃي.  هنن اعليٰ اختيارن کان مطالبو  ڪيو ته ستادن کي پڪو  ڪرڻ سميت ٽيچنگ الائونس۽ ٻيا مطالبا تسليم ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *