Friday , April 19 2024

اين سي ايڇ ڊي ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ 67 هين ڏينهن به احتجاج، ڪنهن به سار نه لڌي

راڻيپور(شيرمحمد سولنگي) انٽرنيشنل پريس ڪلب آڏو اين سي ايڇ ڊي ملازمن احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو. اين سي ايڇ ڊي ملازمن نذیر بلوچ، تنویر پٺاڻ، ڪاظم ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندڙ ملازمن چيو ته هو گذريل 67 ڏينھن کان احتجاج ڪري رهيا آهن پر ڪير به سندن دانهن ورنائڻ وارو نه آهي. هنن چيو ته سندن پگهارون گذريل ڪيترن ئي مهينن کان بند آهن، جنهن سبب ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن. هنن چيو ته اين سي ايڇ ڊي جي مينيجمينٽ نه ڪورٽ جي آرڊر تي عمل رھي آھي ۽ نه وري بالا ايوان سينيٽ جي حڪم تي عمل ڪري رھي آھي. ملازمن کي احتجاج ختم ڪرڻ لاء روزانو اين سي ايڇ ڊي جي چيئرپرسن وارننگ ليٽر جاري ڪري رھي آھي اگر احتجاج ختم نه ڪيو ويو ته ٻي صورت ۾ 2551 ملازمن کي نوڪري مان فارغ ڪيو ويندو مظاھرين جو اھو به چوڻ ھيو ته پنجاب جي ڊائريڪٽر رياض احمد کي پنھنجي عھدي تان ان ڪري ھٽايو ويو جو ھو ملازمن جي حقن جي حمايت ڪئي ۽ اڄ  َ ايمپلائيز ايڪشن ڪميٽي پاڪستان جي فيصلي مطابق  پوري پاڪستان ۾ انتقامي ڪارواين خلاف احتجاج ڪيو پيو وڃي اگر انتقامي ڪارواين جو سلسلو ختم نه ٿيو ۽ سڀ آرڊر واپس نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ غير قانوني طريقي سان اھم عھدي تي ويٺل 94 ساله اين سي ايڇ ڊي جي چيئرپرسن روزينه عالم پنھنجي عھدي تان جلد استيفيٰ ڏئي ڇو جو ملازم ان سان ڪم ڪرڻ لاء تيار نه آھن

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *