Saturday , April 20 2024

اينٽي ڪرپشن هٿان چانڊڪا اسپتال جو اڳوڻو ايم ايس ڊاڪٽر جاويد شيخ گرفتار

لاڙڪاڻو: اينٽي ڪرپشن پوليس ڪارروائي ڪري چانڊڪا اسپتال جي اڳوڻي ايم ايس ۽ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي مقامي صدر کي گرفتار ڪري ورتو، اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر جو چوڻ آهي ته ٻنهي کي  ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

اينٽي ڪرپِشن جي ٽيم سرڪل آفيسر قاضي شرف الدين جي اڳواڻي ۾ ڪارروائي ڪري چانڊڪا اسپتال جي اڳوڻي ايم ايس ڊاڪٽر جاويد شيخ ۽ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي مقامي صدر ڊاڪٽر شاهه بيگ چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو.

اينٽي ڪرپشن موجب گرفتار ڪيل ٻنهي ڄڻن کي سول لائين ٿاڻي تي لاڪپ ڪيو ويو آهي.

اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر قاضي شرف الدين جو چوڻ آهي ته پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي مقامي صدر ڊاڪٽر شاهه بيگ چانڊيو کي اسپتال اندر طبي بلاڪ سامهون غيرقانوني ڪينٽين قائم ڪرڻ، سرڪاري ملڪيت تي قبضو ڪرڻ ۽ ان جي مسواڙ نه ڏيڻ جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته چانڊڪا اسپتال جي اڳوڻي ايم ايس ڊاڪٽر جاويد شيخ جي اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ پي ايم اي جي مقامي صدر سان ڳٺ جوڙ ڪري سرڪاري ملڪيت تي ناجائز قبضو ڪرائڻ جي ڪيس ۾ گرفتاري ڪئي وئي آهي.

واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ايڊيشنل سيشن جج لاڙڪاڻو اسپتال اندر ڪينٽين قائم ڪرڻ ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال واري معاملي جي جاچ ڪري اينٽي ڪرپشن کي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن بعد اينٽي ڪرپشن ڪيس داخل ڪري اڄ ٻنهي ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.

ٺاروشاھ ۾ ٻن ڊاڪٽرن خلاف ڊيوٽي ۾ لاپرواهي جو ڪيس داخل

ٻي طرف ٺارو شاهه ويجهو  هفتو اڳ وئڪسين نه ملڻ سبب نانگ جي ڪکيل عورت جي فوت ٿيڻ واري واقعي بعد عدالت جي حڪم تي ٻن ڊاڪٽرز سميت ٽن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. درٻيلو ۾ هڪ هفتو اڳ نانگ جي ڪکيل عورت مسمات فريدان کي اسپتال آندو ويو،جتي ويڪسين نه ملڻ سبب عورت فوت ٿي وئي. ڊسٽرڪٽ اينڊسيشن ڪورٽ جي حڪم تي فوتي عورت جي مڙس خادم سهاڳ جي فرياد تي  ڊاڪٽر امداد ڏاهري،ڊاڪٽر غلام رسول سولنگي ۽  ڊسپينسر مريد سيال خلاف ٺاروشاهه ٿاڻي تي  ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس ڪيس داخل باوجود جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

لاڙڪاڻي ۾ وطن دوست مزدور فيڊريشن جو رائيس ملز جي پورهيتن جي حقن لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻو( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) وطن دوست مزدور فيڊريشن جي سڏ تي لاڙڪاڻي سميت مختلف ضلعن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *