Friday , March 29 2024

ايم ڪيو ايم ۽ پي ايس پي جي 5 اڳواڻن جا ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽس جاري

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) مني لانڊرنگ ڪيس ۾دهشتگردي جي خاتمي واري خاص عدالت ايم ڪيو ايم ۽ پي ايس پي جي 5 اڳواڻن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت پي ايس پي اڳاوڻ ۽ ڪراچي جي ڊپٽي ميئر ارشد وهرا سميت انهن پنجن ئي اڳواڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽس به جاري ڪري ڇڏيا آهن. ڪراچي جي دهشتگردي جي عدالت ۾ ايم ڪيو ايم جي باني خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪيس جو جاچ آفيسر غلام مرتضيٰ راهو پيش ٿي ڪيس بابت رپورٽ پيش ڪئي. جنهن تي عدالت جاچ آفيسر کان پڇا ڪئي ته، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ اوهان ڪهڙا قدم کنيا آهن، جوابدارن مان ڪنهن به جوابدار کي عدالت ۾ پيش ناهي ڪيون ويو. ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر غلام مرتضيٰ راهو عدالت کي ٻڌايو ته، هڪ جوابدار بابر غوري پاڪستان ۾ م وجود ناهي، اُهو اڄڪلهه دبئي ۾ رهي ٿو، ان کي گرفتار ڪرڻ لاءِ انٽرپول ذريعي ئي گرفتار ڪري سگهجي ٿو، جنهن لاءِ ڪجهه قانوني گهرجون آهن، جن جي پورائي ڪلرڻ ۾ ڪجهه وقت لڳي سگهي ٿو.

جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته، عدالت سهيل منصور ۽ ارشد ووهرا جي گرفتاري بابت پڇا ڪئي جنهن تي جاچ آفيسر ٻڌايو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن ۽ جوابدار گرفتاري جي خوف کان روپوش ٿي ويا آهن. جاچ آفيسر جوابدارن جي گرفتاري لاءِ عدالت کان ايندڙ ٻڌڻي تائين مهلت طلب ڪئي جنهن تي عدالت چئني مفرور جوابدارن بابر غوري، سهيل منصور، احمد علي ۽ ارشد ووهرا جا هڪ دفعو ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا. عدالت جوابدارن کي گرفتار ڪري پهرين ڊسمبر تائين پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن تي الزام آهي ته، انهن 1988 ۾ قائم ڪيل خدمت خلق فائونڊيشن جي ذريعي مني لانڊرنگ ڪئي، ان جو وڏو حصو لنڊن ۾ متحده باني کي اماڻيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *