Saturday , April 20 2024

ايم ڪيو ايم پاڪستان چائنا ڪٽنگ ۽ غيرقانوني اڏاوتون ڪندڙن جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي(رپورٽر سنڌ سماءَچار) ڪراچي ۾ سرڪاري ۽ فلاحي پلاٽن تي قبضا ڪرڻ، چائنا ڪٽنگ سميت مختلف طريقن سان سرڪاري زمينن ۽ پلاٽن تي قبضا ڪري اڏاوتون ڪرڻ خلاف عدالتي حڪمن بعد شروع ٿيل ڪاررواين خلاف نيٺ ايم ڪيو ايم پاڪستان ميدان ۾ اچي وئي آهي؛ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته،  سپريم ڪورٽ جي هر فيصلي جو احترام ڪيون ٿا، عدالت کي درخواست آهي ته پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري.15هزار خاندان بي گهر ٿيندا ته هي ڪاڏي ويندا. جيڪڏهن تعمير کي به خالي ڪرڻو آهي ته متاثرين کي متبادل فراهم ڪيو ويندو آهي. ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته، ايم ڪيو ايم پاڪستان فيصلو ڪيو آهي ته اسان متاثرن جا سياسي وڪيل بڻجنداسين. جمعي 22 ڊسمبر کان اسان انهن سمورين ڪالونين ۾ ڪئمپس لڳائينداسين جيڪي سرڪاري ۽ فلاحي پلاٽن تي چائنا ڪٽنگ ڪري پلاٽ وڪرو ڪري ماڻهو آباد ڪيا ويا.

اسان متاثرن کي ڪيس وڙهڻ جي لاءِ وڪيل ڪري ڏينداسين، فاروق ستار چيو آهي ته اسان ڇنڇر تي متاثرين جي حمايت ۾ احتجاجي مظاهرو ڪنداسين، سپريم ڪورٽ انهن جي خلاف ڪم ڪري جيڪي انهن مسئلن جي پاڙ آهي. اسان جو مظاهرو سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف ناهي اسان حڪومت جي خلاف مظاهرو ڪري رهيا آهيون. فاروق ستار وڌيڪ چيو ته حڪومت متاثرين جي آبادڪاري جي لاءِ ڪجهه ناهي ڪري رهي، حڪومت سنڌ کي سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ گهرجي، قبضو ڪرڻ وارن جي ڪچي آبادين کي ليز ڪيو ويندو آهي، جڏهن گهر ٺاهيا وڃن پيا ڇو نه ڊاٿا ويا.اهو سڀ ملي ڀڳت سان ٿيو آهي. ڪراچي ۾اربن کربن جي ڪرپشن ٿي آهي، متاثرين کي هن جي رقم واپس ڪئي وڃي يا متبادل جڳهه فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته ڇنڇر تي منجهند جو2 وڳي ڪراچي پريس ڪلب تي مظاهرو ڪنداسين. ٿي سگهي ٿو ايم اي جناح روڊ تي به مظاهرو ڪيون. مظاهري ۾ متاثرين به وڏي تعداد ۾ شامل هوندا.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *