Friday , April 19 2024

ايم ڪيو ايم جي خدمت خلق فائونڊيشن جون ڀتي جي رقم مان ورتل ملڪيتون ضبط

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار ) ايم ڪيو ايم جي انتظامن هيٺ هلندڙ خدمت خلق فائونڊيشن جون ڀتي جي رقم مان 3 ارب رپين کان وڌيڪ جون 29 ملڪيتون ضبط ڪيون ويون آهن، ڀتي جي رقم لنڊن موڪلڻ لاءِ بابر غوري، سهيل منصور، سينيٽر احمد علي ۽ ٻين سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪيو، اهو انڪشاف ٿيو آهي ايف آءِ اي جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ تيار ڪيل رپورٽ ۾. ايف آءِ اي ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري خدمت خلق فائونڊيشن جي 3 ارب رپين کان وڌيڪ ماليت جي جون ملڪيتون ضبط ڪري ڇڏيون آهن. ايف آءِ اي دهشتگردي جي خاتمي واري ونگ اسلام آباد خدمت خلق فائونڊيشن خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ ڪري رهي آهي جنهن جي سربراهي اي ٽي سي ونگ جو سربراهه مظهر ڪاڪا خيل ڪري رهيو آهي.

خدمت خلق فائونڊيشن خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي جنهن ۾ ايف آءِ اي ڪي ڪي ايف جون 29 ملڪيتون ضبط ڪيون آهن جنهن جي ماليت 3 ارب رپيا آهي.  ايف آءِ اي موجب خدمت خلق فائونڊيشن جون اهي ملڪيتون ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ قائم آهن جيڪي ڀتي جي رقم مان ٺاهيون ويون آهن، ايف آءِ اي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪي ڪي ايف ون جي ملڪيتن مان حاصل ڪيل رقم جا 2 وڏا استعمال هئا، ملڪيتن جي ڀاڙي سان ايم ڪيو ايم جي مارجي ويلن ۽ قيدين جي وارثن کي رقم ڏني ويندي هئي. رقم 6 جي لڳ ڀڳ سهولتڪارن ذريعي لنڊن موڪلي وئي، اهڙن سهولتڪارن ۾ بابر غوري، سهيل منصور، سينيٽر احمد علي ۽ ٻيا شامل آهن. ايف آءِ اي موجب ملڪيتن ۾ جعلي نالن ذريعي ٽرانزيڪشن ٿيندي رهي آهي. ايف آءِ اي اختيارين ٻڌايو ته في الحال ڀاڙي جي مد ۾ شهيدن ۽ قيدين جي خاندانن کي منتقل ڪيل رقم کي نه روڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *