Thursday , April 25 2024

ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار برقرار

دادو ( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) ”پيپلزپارٽي جو ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو ٽِن ڄڻن جي قتل جا نامزد جوابدار برقرار رهندا“، دادو جِي سيشن ڪورٽ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. ميهڙ ۾ ٽي سال اڳ قتل ٿي ويل اڳوڻي يو سي چيئرمين ڪرم الله چانڊيو، سندس ٻن پٽن قابل چانڊيو ۽ مختيار چانڊيو جي قتل ڪيس ۾ پيپلزپارٽي جي ايم پي سردار خان چانڊيو ۽ سندس ڀاءُ برهان چانڊيو جي جوابدار نامزد ڪرڻ يا جوابدار نه هئڻ بابت درخواست تي سيشن ڪورٽ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڏائڻ کان اڳ عدالت عدالتي احاطي ۽ ان کان ٻاهر سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، جنهن تي دادو پوليس سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا، عدالتي ڪمري لاڳاپيل ماڻهن کانسواءِ ٻين ماڻهن کي ٻاهر نڪري وڃڻ جي به هدايت ڪئي. عدالت فيصلي ۾ چيو ته سردار خان چانڊيو ۽ برهان چانڊيو ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس ٻن پٽن جي قتل ڪيس جو جوابدار نامزد ٿيل آهن، جيڪي ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد ئي رهندا، انڪري انڪري ڪيس مان سندس نالو خارج نٿو ڪري سگهجي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *