Saturday , April 20 2024

ايم پي اي امداد پتافي جي ڪٽنب جا 16 ڄڻا ڪرونا ۾ مبتلا، سڄي سنڌ ۾ انگ 54 هزار کان وڌي ويو

ڪراچي/ ٽنڊوالهيار (رپورٽ: سجاد حسين/آفاق ڀٽي    سنڌسماءَچار) ڪرونا جي وبا ٽنڊو الهيار ضلعي اندر به تيزي سان ڦهلجڻ لڳو، پيپلزپارٽي جي ايم پي اي امداد پتافي جي پٽ سوڌو سندس خاندان جي 16 ڄڻن جي ڪرونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي آهي، سنڌ اندر وائرس جي متاثرن جو انگ وڌي 54 هزار کان وڌي ويو آهي. ٽنڊي الهيار مان چونڊيل پ پ ايم پي اي امداد پتافي جي پٽ سوڌو سندس 16 گهر ڀاتين کي ڪرونا جي تصديق ٿيڻ کانپوءِ ضلعي اندر خوف وارو ماحول آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪرونا ۾ مبتلا امداد پتافي جو پٽ ۽ سندس گهر جا ٻيا مرد ماڻهن سان ميل جول رکندا رهيا آهن، جنهن سبب انهن ماڻهن ۾ به خوف ڇائنجي ويو آهي.

ٻئي پاسي ٽنڊو الهيار ضلعي کانسواءِ به سڄي سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا ڪيس ڌڙا ڌڙ ظاهر ٿي رهيا آهن،. گذريل جا هاڃا جاري آهن، وڌيڪ 15 مريض فوت ٿيڻ کانپوءِ صوبي ۾ فوت ٿيلن جو انگ 831 ٿي ويو، ڪلاڪن دوران 2 هزار 390 ماڻهن جي ڪرونا ٽيسٽ پازيٽو اچي چڪي آهي، اهڙي طرح سنڌ اندر وبا جي متاثرن ماڻهن جو انگ وڌي 54 هزار 10 ٿي ويو آهي. صحت کاتي جي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق. سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي شهر اندر 24 ڪلاڪن دوران هڪ هزار 560 ماڻهن  کي ڪرونا هئڻ جي تصديق ٿي آهي، جن مان 100 کان وڌيڪ ماڻهو نجي اسپترالن مان ٽيسٽ ڪرائي ۽ اتي ئي آئسوليٽ ڪيا ويا آهن. لاڙڪاڻي ۾ 22، سانگهڙ ۾ 20، ميرپورخاص ۾ 15، ڪشمور ۾ 14، ڄامشورو ۾ 13، سجاول ۾ 10ڄڻا ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا. سجاول ۾ 68، خيرپور ۾ 49، حيدرآباد ۾ 44، گهوٽڪي ۾ 39، مٽياري ۾ 38 ۽ شهيد بينظير آباد ۾ 37 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. صحت کاتي موجب شڪارپور ۽ دادو ۾  سَتَ سَتَ ڄڻن جي رپورٽ پازيٽو آئي آهي، بدين 4، ٺٽو 3، نوشهروفيروز ۾ 3، قمبر ۾ هڪ ڄڻي کي ڪرونا جي تصديق ٿي آهي. صحت کاتي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته ڪرونا جي علاج هيٺ  573 مريضن جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، انهن مان 80 مريضن کي وينٽي لينٽرز تي رکيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *