Friday , April 19 2024

ايم پي ايز ۽ ڪامورن سميت ڪرپشن ۾ ملوث ڪجھ چهرا منظر تي اچي ويا،نصرالله بلوچ،رئوف صديقي ۽ گيانچند ايسراڻي خلاف به جاچ جاري

Rauf SiddiqiGhulam qadir palejoNasurllah Baloch 01

ينصرالله بلوچ                   غلام قادرپليجو                 رائوف صديقي

سنڌ اندر ڪرپشن ۾ ملوث ڪيترائي پردي پٺيان لڪل چونڊيل توڙي اڳوڻا ايم پي ايز۽ ڪامورن جي پت وائکي ٿي وئي آهي. نيب پاران ابتدائي طور تي 15 پارليامينٽيرينزهڪ سئو کان وڌيڪ چوٽي جي ڪامورن ۽ پوليس آفيسرز جي فهرست سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران نيب کي ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن کي جاچ جاري رکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

نيب پاران سنڌ ۾ جاري ڪارروائين جا سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ تفصيل جمع ڪرايا آهن، جن ۾ 15 پارليامينٽيرينز، چئن اڳوڻن چيف سيڪريٽريز ۽ ٻن اڳوڻن آءِ جيز سميت سنڌ ۾ 1567 ماڻهن خلاف انڪوائريز، انويسٽيگيشنز ۽ ٽرائل هلندڙ آهن. نيب پاران 59 صفحن تي ٻڌل رپورٽ سنڌ هائيڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي، جنهن موجب موجوده توڙي اڳوڻن وزيرن ۽ ايم پي ايز خلاف جاچ هلندڙ آهي. نيب جي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ موجب اڳوڻو وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم، اڳوڻو صوبائي وزير شرجيل ميمڻ به ڪرپشن جي ريفرنسز کي منهن ڏئي رهيا آهن.

Adil SiddiqiMuhammad Ali MalkaniTaimour Talpur

تيمورٽالپر،                     محمد علي ملڪاڻي               عادل صديقي

رپورٽ موجب انڪوائري کي منهن ڏيندڙ سياستدانن ۾ ايڪسائيز کاتي جو اڳوڻو صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي، اڳوڻو ايم پي اي ۽ پ پ سينيٽر سسئي پليجو جو والد غلام قادر پليجو، اڳوڻو صوبائي صلاحڪار دوست محمد راهمون، ايم ڪيو ايم اڳواڻ ۽ اڳوڻو صوبائي وزير رئوف صديقي، اڳوڻو صوبائي وزير عادل صديقي، اڳوڻو سٽي ناظ۾ ۽ پي ايس پي جو سربراهه مصطفيٰ ڪمال، مسلم ليگ نون جو اڳواڻ ۽ اڳوڻو صوبائي وزير اعجاز شاهه شيرازي، پيپلز پارٽي ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر، صوبائي صلاحڪار محمد علي ملڪاڻي خلاف به انڪوائري هلندڙ آهي.

نيب موجب قانون واري کاتي جو صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار، پ پ ايم پي اي ڊاڪٽر ستار راڄپر، عبدالرئوف کوسو، اڳوڻو ايم پي اي نصرالله بلوچ خلاف به جاچ جاري آهي، جڏهن ته اڳوڻي نگران وڏي وزير زاهد قربان علوي خلاف به جاچ هلي رهي آهي.

Mustafa KamalZahid Qurban Alvi

زاهد قربان علوي                                            مصطفيٰ ڪمال

عدالت ۾ جمع ڪرايل نيب جي لسٽ ۾ لاڏاڻو ڪري ويل اڳوڻي وزير آغا طارق جو نالو به شامل آهي. نيب جي رپورٽ موجب ڪامورن ۾ اڳوڻي چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ، راجا عباس، اڳوڻو چيف سيڪريٽري اعجاز چوڌري، بورڊ آف روينيو سنڌ جو اڳوڻو سينئر ميمبر شاذر شمعون، غلام نبي شاهه، آفتاب ميمڻ ۽ تعليم کاتي سميت مختلف کاتن ۾ سيڪريٽري جي عهدي تي رهندڙ غلام علي شاهه پاشا خلاف به جاچ جاري آهي. نيب جي رپورٽ موجب جاچ کي منهن ڏيندڙ پوليس آفيسرز ۾ اڳوڻو آءِ جي غلام حيدر جمالي، اڳوڻو وقتي آءِ جي غلام شبير شيخ،  اڳوڻو اي آءِ جي تنوير طاهر به شامل آهن.

sidiq memonNiaz khoso

نياز کوسو                           محمد صديق ميمڻ

نيب جي لسٽ موجب ڊي آءِ جي فيصل بشير ميمڻ، اي آءِ جي جيلز نصرت مڱڻ، فاروق جمالي، منير کهڙو، فريد جان سرهندي، فدا حسين شاهه، ڪامران رشيد، محسن قاضي، امجد علي شاهه، اڳوڻو ڊي آءِ جي سنڌ پوليس ۽ تازو پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيندڙ نياز کوسو به ڪرپشن جي الزامن هيڄ انڪوائريز کي منهن ڏئي رهيو آهي. نياز کوسو 25 اگسٽ تي عمران خان کي سکر ۾ دعوت ڏني آهي، ڄام ظفرالله ڌاريجو خلاف به جاچ هلندڙ آهي.

سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي نذير مغل ۽ شاهه لطيف يونيورسٽي جي وي سي پروين شاهه خلاف به نيب جي جاچ هلندڙ آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *