Saturday , April 20 2024

ايل بي او ڊي جا 26 سئو ملازم ۽ 272 ڪانٽريڪٽي ڊاڪٽر پڪا ڪرڻ جو بل منظور

ڪراچي( رپورٽر  سنڌسماءَچار) سنڌ اسيمبلي ايل بي او ڊي جي 26 سئو ڪچن ملازمن ۽ ايڊهاڪ ۽ ڪانٽريڪٽ تي رکيل 272 ڊاڪٽرز کي پڪو ڪرڻ ۽ هوم بيسڊ ورڪرز وارا بل منظور ڪري ڇڏيا، مخالف ڌر پاران بلز جي مخالفت، خواجا اظهار چيو آهي ته ملازمن کي پڪو ڪرڻ مان لڳي ٿو ته نوڪريون وڪرو ڪيون پيون وڃن. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ صوبائي وزير ضياءَ لنجار ڪانٽريڪٽ ۽ ايڊهاڪ تي مقرر 272 ڊاڪٽرز ۽ ايل بي او ڊي جي 26 سئو ملازمن کي پڪو ڪرڻ وارا بل پيش ڪيا جيڪي منظور ڪيا ويا.سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ گهريلو ملازمن بابت، هوم بيسڊ ورڪرز بل پيش ڪيو ويو جيڪو به منظور ڪيو ويو. ان موقعي تي اپوزيشن ليڊر خواجا اظهار چيو ته 26 سئو کان وڌيڪ ملازمن کي پڪو ڪري حڪومت اليڪشن مهم هلائي رهي آهي، حڪومت کي 10 سالن دوران ڪچن ملازمن جو خيال ڇو نه آيو؟ اسان نوڪريون ڏيڻ جا نه پر حڪومت جي طريقي جي خلاف آهيون.

فنڪشنل ليگ جي ميمبر مهتاب اڪبر راشدي چيو ته نوڪريون ڏيڻ خراب ڳاله ناهي، هن بل ۾ ورڪ چارج ملازمن کي ڪيئن پڪو ڪيو ويو آهي،  اهو بل ڪورٽ ۾ چئلنج ٿي سگهي ٿو. ان تي قانون واري وزير ضياءَ لنجار چيو ته قانون ۾ اهو ڪٿي به لکيل ناهي ته ورڪ چارج ملازمن کي پڪو نه ٿو ڪري سگهجي.

ان کان پهريان قانون واري وزير ضياءَ لنجار ايم پي ايز پاران لکت ۾ پڇيل سوالن جا لکت ۽ ضمني سوالن جا جواب ڏنا. سوالن جواب واري وقفي دوران قانوني واري وزير چيو ته، ڪراچي سينٽرل جيل، حيدر آباد ۽ سکر سينٽرل جيل حساس قرار ڏنا ويا آهن. قانون واري وزير مختلف سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته، سينٽرل جيل ڪراچي مان فرار ٿي ويل ٽن خطر ناڪ دهشتگرد قيدين کي ٻيهر گرفتار ناهي ڪيو ويو، انهن قيدين جي گرفتاري لاءِ پوليس قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مدد سان ڳولا ڪري رهي آهي. قانون واري وزير خطرناڪ قيدين لاءِ ٺٽي ۾ جهرڪ ويجهو ڌار جيل ٺاهي رهيا آهيون، دهشتگردن سان منهن ڏيڻ لاءِ پوليس آفيسرز ۽ اهلڪارن کي پرڏيهه مان به تربيت ڏياري پئي وڃي.

ان موقعي تي فنڪشنل ليگ جي ميمبر نصرت سحر عباسي چيو ته، سنڌ ۾ قيدي جيل مان سرنگهه ٺاهي ڀڄي وڃن ٿا، 10 سالن کان ٻڌندا پيا اچون ته، ڪم ڪيو پيو وڃي، ٻڌايو وڃي ته 10 سالن دوران خطرناڪ قيدين لاءِ ڌار جيل ڇو نه ٺهي سگهيو آهي.اجلاس دوران صوبائي وزير منظور وساڻ ۽ مخالف ڌر جي ميمبر نصرت سحر عباسي وچ ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ به ٿي. منظور وساڻ نصرت سحر سان مڪالمو ڪندي چيو ته، جيل ۾ سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن، سٺي نيرن ۽ ماني مهيا ڪئي پئي وڃي، اوهان چڪر ڏئي اچو. ان تي نصرت سحر عباسي منظور وساڻ کي چيو ته، اوهان جيل مان ٿي اچو، ڇو ته جيل ۾ رهي آيا آهيو ۽ جيلز کاتي جا وزير به رهيا آهيو. منظور وساڻ چيو ته مئي ۽ جون جي مهينن ۾ هي جيل ويندا ۽ جيل ۾ انهن کي انڊا به ملندا، جيل وڃي هي اسان جي تعريف ڪندا، نصرت سحر عباسي منظور وساڻ کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيل ۾ اسان نه پر توهان ويندا.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *