Saturday , April 20 2024

ايف بي آر ۽ واپارين ۾ تڪرار، اڄ سڄي ملڪ جيان سنڌ ۾ به شٽرڊائون

ايف بي آر ۽ واپارين ۾ تڪرار، سنڌ، بلوچستان، ڪي پي ۽ پنجاب ۾ ڪاروباري مرڪز بند، هڙتال دوران 10 ارب رپين جي گهاٽي جو امڪان

ڪراچي(رپورٽر  سنڌسماءَچار) ايف بي آر پاران ٽيڪس واپارين وچ ۾ هلندڙ تڪرار چوٽ چڙهي ويو آهي، اڄ 29هين آڪٽوبر اڱاري ڏينهن سڄي ملڪ ۾ سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهندا، سنڌ تاجر اتحاد پاران به صوبي ۾ ڪاروبار بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. وفاقي حڪومت جي هدايتن تي ايف بي آر پاران نيٽ وڌائڻ لاءِ خريدارن جي سڃاڻپ ڪارڊن جي ڪاپي مهيا ڪرڻ واري فيصلي تي ايف بي آر ۽ واپارين وچ ۾ هلندڙ تڪرار جو نبيرو ناهي ٿي سگهيو، حڪومت پاران واپارين سان هلندڙ ڳالهيون ناڪام ٿيڻ کانپوءِ واپارين پاران مختلف وقتن تي ٽوڪن هڙتال طور ڪاروباري مرڪز بند رکيا ويا هئا ۽ ايف بي آر اختيارين سان ڳالهيون به هلندڙ هيون، جيڪي گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان رولڙي جو شڪار آهن. واپاري اڳواڻن شرجيل گوپلاڻي، جميل پراچا، جميل بلوچ ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته اڄ سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي سمورن شهرن ۾ ڪاروباري مرڪز مڪمل بند رهندا.

سنڌ صرافا ايسوسيئيشين، سنڌ تاجر اتحاد، سٽي تاجر اتحاد، موبائل مارڪيٽ، اليڪٽرونڪ مارڪيٽ، ڪمپيوٽر مارڪيٽ، جوڙيا بازار جي واپارين به هڙتال جي حمايت ڪندي چيو آهي ته، صدر، ڪلفٽن، طارق روڊ، حيدري مارڪيٽ، حيدر آباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپور خاص، نوابشاهه سميت سڄي سنڌ ۾ به بازارون بند رهنديون. واپاري اڳواڻن جو چوڻ آهي ته پنجاب جي لاهور، فيصل آباد، ملتان، راولپنڊي، گجرات، گوجرانوالا، شيخوپورا، لاهور، گادي واري هنڌ اسلام آباد، ڪي پي ۾ پشوار سميت سمورن شهرن ۽ بلوچستان جي به سمورن شهرن ۾ ڪاروباري مرڪز بند آهن. واپارين جي هڙتال جي نتيجي ۾ لڳ ڀڳ 10 ارب رپين جي ڪاروباري ڏيتي ليتي جو گهاٽو ٿيڻ جو انديشو ڏيکاريو پيو وڃي.

صحت کاتي جي لاجواب ڪارڪردگي، مٺي ۾ فوتي ٻار جو لاش کڻڻ لاءِ ماءُ چندو گڏ ڪيو، اسلام آباد ۾ بلاول پاران والد جي علاج لاءِ ميڊيا آڏو دانهون

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *