Friday , April 19 2024

ايف بي آر پرڏيهه منتقل ڪيل پاڪستانين جو ناڻو واپس ڪرڻ کان لاچار بڻيل، چيف جسٽس ڪميٽي جوڙي ڇڏي

اسلام آباد (سنڌسماءَچار     مانيٽرنگ ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو ملڪ مان ڪرپشن ۽ ٻين غير قانوني طريقن سان ڪمايل ناڻو ملڪ کان ٻاهر منتقل ڪيل ناڻو ڏيهه واپس آڻڻ کان لاچاري ظاهر ڪري ڇڏي آهي، جنهن بعد سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اهڙو ناڻو ڏيهه واپس آڻڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثارپاڪستانين جي مختلف ملڪن ۾ اڪائونٽن بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن  دوران ناڻي واري وزارت جو وفاقي سيڪريٽري ۽ اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر پيش ٿيا. چيف جسٽس چيو ته وڏي انگ ۾ پاڪستانين ٻاهرين ملڪ اڪائونٽ ۽ ملڪيتون ٺاهيون آهن، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ٻڌائي ته سوئٽزرلينڊ ۾ موجود اڪائونٽن مان پئسو ڪيئن واپس پاڪستان اچي سگهي ٿو؟ ايترو پئسو ٻاهرين ملڪ هليو ويو، ڇا اهو ممڪن ناهي ته سڄي رقم ڪاري ناڻي جي هجي؟ ڪجهه اهڙا به هوندا جيڪي قانوني طريقي سان رقم کڻي ويا هوندا؛ پر محسوس ائين ٿي رهيو آهي ته، انهن مان ڪاثريت اهڙن ماڻهن جي هوندي، جن ڪرپشن ۽ ٻين غيرقانوني طريقن سان ڪمايل ناڻو غير قانوني طريقي پرڏيهه منتقل ڪيو ۽ ملڪيتون ٺاهيون آهن. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته، پرڏيهه منتقل ڪيل ڏوڪڙ ڏيهه واپس اچي وڃي ته ملڪ تي چڙهيل قرضو لهي ويندو ۽ ملڪ به خوشحالي طرف وڌي سگهي ٿو.

ٻڌڻي دوران اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر طارق باجوا سپريم ڪورٽ کي ٻڌايو ته، ٻاهرين ملڪن جي مختلف بئنڪن جي کاتن جي حوالي سان سان معاهدا ٿي رهيا آهن ۽ سوئٽزرلينڊ سان به ٻه طرفو معاهدو ٿي چڪو آهي. هن چيو ته، اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته، پرڏيهه اماڻيل دولت واپس موٽائڻ لاءِ اسان پنهنجي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين. ان م  وقعي تي بئنچ ۾ شامل جسٽس اعجاز الاحسن حڪم ڏنو ته جرمني ۽ سوئٽزرلينڊ جي هزارين ماڻهن جي اڪائونٽن بابت مڪمل ڄاڻ وٺو، ڀارت به سوئٽزرلينڊ کان سوين ماڻهن جي ڄاڻ ورتي آهي. چيف جسٽس چيو ته ملائيشيا ۾ به ماڻهو سيڙپڪاري ڪري رهيا آهن. ڇا گڏيل عرب امارتن ۾ به پاڪستاني پنهنجي ملڪيت خريد ڪري سگهن ٿا؟ چيف جسٽس اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر طارق باجوا جي سربراهي ۾ ايف بي آر چيئرمين ۽ ناڻي واري سيڪريٽري تي ٻڌل ٽي رڪني ڪميٽي جوڙيندي حڪم ڏنو ته گڏجي طريقي ٺاهيو. ڪميٽي هڪ هفتي ۾ گائيڊ لائين ڏئي ته ٻاهرين ملڪ مان رقم ڪيئن موٽائڻي آهي،  ڪميٽي حڪومت جي ڪنهن به اداري کان ڄاڻ وٺي سگهندي، مقصد اهو آهي ته غير قانوني طريقي سان موڪليل رقم موٽائي وڃي، پئسا موٽائيندڙن کي رعايت ڏيڻ جي معاملي تي غور ڪنداسين.

جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ان ڪارروائي ۾ ڪا افراتفري نه ٿيڻ گهرجي، جيڪو به ڪم ڪرڻو آهي قانون موجب ڪيو، جيڪڏهن قانون ۾ گنجائش آهي ته اسان کي نشاندهي ڪرايو، اهو به ٻڌايو ته ڪهڙي رقم غير قانوني طريقي سان منتقل ٿي، پهريون ڪم انهن ماڻهن جو پتو لڳائڻ آهي، جيڪي ٽيڪس ڏيڻ کانسواءِ پئسو ٻاهر کڻي ويا، اهو به ڏسو ته پئسو ٻاهر کان پاڪستان آڻيندڙن کي ڪهڙيون مراعتون ملنديون، اهو ٽيڪس جي ادائيگي ۽ عوامي مفاد جو مسئلو آهي. چيف جسٽس چيو جيڪڏهن قانون ۾ گنجائش آهي ته ممڪن آهي اسان رياست کي قانون سازي جو چئون. ايف بي آر چيئرمين ٻڌايو ته سوئٽزرلينڊ کان ڄاڻ وٺڻ لاءِ سڀ قدم مڪمل آهن، دبئي کي به 55 ماڻهن جي فهرست ڏئي ڇڏي آهي، رڳو پارليمامينٽ کي معاهدي جي منظوري ڏيڻي آهي، معاهدي جي منظوري کانپوءِ سوئٽزرلينڊ کان ڄاڻ وٺي سگهنداسين. ايڊيشنل اٽارني جنرل راڻا وقار چيو ته پاناما ليڪس ۾ 444 ماڻهن جا نالا آيا، ٻن ماڻهن کان 6.62 ارب رپيا واپس پڻ ڪيا آهن. 363 ماڻهن کي ايف بي آر نوٽيس جاري ڪيا پر 78 ماڻهن جو پتو نه پئجي سگهيو. چيف جسٽس چيو ته ڇا 78 ماڻهن بابت ڪو اشتهار ڏنو ويو. نوٽيس 2016ع ۾ جاري ٿيا، هيل تائين ڇا ٿيو، ڇا آفشور ڪمپني وارن کان وضاحت گهري آهي؟ ايف بي آر ميمبر چيو ته نادرا کي فهرست ڏني هئي. نادرا 185 ماڻهن جي ڄاڻ نه ڏئي سگهيو. ايف بي آر ميمبر ٻڌايو ته 72 ماڻهن آف شور ڪمپنين سان پنهنجو واسطو تسليم ڪيو آهي. چيف جسٽس چيو ته انهن 72 ماڻهن کان پڇو آف شور ڪمپني ڪهڙي طريقي سان ٺاهي وئي، ڏسي ٿا وٺون ڪهڙن ماڻهن ٻاهرين ملڪن ۾ ڪروڙين ڊالرن جي ملڪيت خريد ڪئي آهي، ڪُڻن ذريعي 10 ماڻهن جا نالا ڪڍي اسان کي ڏيو، ڪنهن کي ٽارگيٽ نه ڪيو وڃي. عدالت ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *