Friday , March 29 2024

ايف بي آر جي اعزازي چيئرمين پاران نئين ايمنسٽي اسڪيم نه ڏيڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) فيڊرل بورڊ آف روينيو جي اعزازي چيئرمين شبر زيدي انڪشاف ڪيو آهي ته، حڪومت پاران غيرقانوني طريقي سان ڪمايل ناڻي ۽ ملڪيتن کي قانوني حيثيت ڏيڻ لاءِ ڪو به نئون قانون ناهي آندو، اسلام آباد ۾ هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي شبر زيدي چيو ته، 2017 دوران حڪومت هڪ بنا نالي ايڪٽ وارو ايڪٽ ٺاهيو هو، جنهن کي وري  2018 جاري ڪيل ايمنسٽي اسڪيم آندي وئي هئي ان ۾ بنا نالي ايڪٽ کي لاڳو نه ڪيو ويو هو. ايف بي آر چيئرمين جو چوڻ هو ته، ته بي نامي ملڪيتن ۽ اڪائونٽس قانوني طور تي ڏوهه آهي، ان لاءِ 2017 ۾ قانون لاڳو ڪيو ويو هو. هن چيو ته، گذريل حڪومت جي ايمنسٽي اسڪيم کان اڳ ئي بي نامي ايڪٽ اچي چڪو هو پر ان کي گذريل اسڪيم ۾ شامل نه ڪيو ويو. ايف بي آر چيئرمين چيو ته قانون جو مقصد بنا نالي اثاثن کي قانوني شڪل ۾ آڻڻ آهي ڇو جو 2017 کان اڳ اهڙا اثاثا جائز قرار ڏنا ويا هئا، بي نامي ايڪٽ متعارف ته ڪرايو ويو پر ان تي عمل نه ٿي سگھيو، موجوده حڪومت ايندي ئي ان قانون تي عمل ڪرائڻ شروع ڪيو آهي. هن چيو ته 40 سيڪڙو بينڪن جا اڪائونٽ ٽيڪس نيٽ ۾ ناهن جن کي نيٽ ۾ آڻڻ ضروري آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *