Friday , April 19 2024

ايس يو پي پاران نيب آرڊيننس رد ڪرڻ خلاف احتجاج جو اعلان، بل پيش ڪرڻ ۾ پ پ جي بدنيتي شامل آهي: جلال محمود شاھ

Jalal-Shah1

ڪراچي: پيپلز پارٽي پاران سنڌ اسميبليءَ مان نيب قانون 1999 کي رد ڪرڻ لاءِ بل منظور ڪرڻ واري عمل کي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي رد ڪري ڇڏيو آهي، سيد جلال محمود شاھ چيو آهي ته نيب قانون رد ڪرڻ ۾ پ پ جي بدنيتي شامل آهي.

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جو اجلاس سيد جلال محمود شاھ جي صدارت ھيٺ حيدر منزل تي ٿيل اجلاس کانپوءِ، ايس يو پي چيئرمين سيد جلال محمود شاھ پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته، سنڌ حڪومت نيب قانون 1999 کي رد ڪرڻ سنڌ اسيمبليءَ مان منظور ڪرايل  بل سنڌ جي صوبائي خودمختياري ڏانهن قدم جي نيت سان نه پر ڪرپشن ۾ ملوث سندن وزيرن مشيرن ۽ ڪامورن تحفظ ڏيڻ آهي. ھن چيو ته سنڌ جي اندر اينٽي ڪرپشن جو کاتو اڳي ۾ ئي موجود آهي جيڪو پڻ ڪرپشن کي روڪڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويو آهي. اينٽي ڪرپشن کاتو سنڌ حڪومت جي رحم ڪرم تي رهيو آهي، جيڪو سنڌ حڪومت جي وزيرن، مشيرن، صلاحڪارن سميت ڪرپٽ آفيسر شاهي جو احتساب ڪرڻ جي قابل ئي نه رهيو آهي.  سندس چوڻ هو ته پي پي سرڪار 2008 کان سنڌ ۾ حڪمراني ڪندي اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي. ايس يو پي سربراهه جو چوڻ هو ته پ پ ۾ ويٺل 156 اھڙا وزير مشير ڪامورا ۽ اسيمبلين ۾ ويٺل ميمبر موجود آهن جيڪي نيب کي گھربل آھن ۽ انهن کي بچائڻ لاِ نيب آرڊيننس ترميمي بل پيش ڪيو ويو آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه هٿو ڪري سگهجي.

جلال محمود شاهه چيو ته اسان صوبائي خودمختياري جي مڪمل حمايت ڪن ٿا پر ان خودمختياري جي آڙ ۾ ڪرپشن ڪندڙن کي تحفظ ڏيڻ جا حامي نه آھيون، سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيل بل جي خلاف ايس يو پي نائين جولاءِ تي سڄي سنڌ سموري سنڌ ۾ احتجاجي مظاھرا ڪيا ويندا، 20 آگسٽ تي ڪراچي ۾ سنڌ مارچ ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *