Friday , March 29 2024

ايس يو پي جو سکر مان نڪتل مارچ منزل طرف روان دوان، ڪي اين شاهه ۾ شاندار آجيان

خيرپور ناٿن شاهه ( خاص نمائمندو   سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ وڌندڙ مهانگائي خلاف ايس يو پي جو سکر مان نڪتل پيادل مارچ مختلف شهرن کان ٿيندو خيرپور ناٿن شاهه پهچي ويو، شهرين پاران شاندار آجيان، ميهڙ ۾ ام رباب چانڊيو به مارچ ۾ شرڪت ڪئي، زين شاهه چيو آهي ته حالتون تمام گهڻيون خراب آهن، سنڌ جي حقن لاءِ سڀني کي سجاڳ ٿيڻو پوندو.

سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ وڌندڙ مهانگائي خلاف سکر مان نڪتل ايس يو پي جو پيادل مارچ پنهنجي منزل طرف روان دوان آهي. اربع ڏينهن ميهڙ مان نڪتل پيادل مارچ خيرپور ناٿن شاهه پهتو ته ايس يو پي ڪارڪنن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ آجيان ڪري مارچ ۾ شريڪ ماڻهن تي گلن جي ورکا ڪئي، پيادل مارچ ۾ ڪارڪنن هٿن ۾ جهنڊا کڻي نعريبازي ڪئي، ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه ڪي اين شاهه ۾ مارچ ۾ شريڪ ڪارڪنن ۽ شهرين کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي وحدت خلاف ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿين نه ڏينداسين، سنڌ ۾ هٿرادو طريقي سان سنڌين کي تباهه ڪيو پيو وڃي، جنهن جي اصل ۽ سڀ کان وڏي ذميوار پيپلزپارٽي آهي. حالتون تمام گهڻيون خراب آهن، سنڌ جي حقن لاءِ سڀني کي سجاڳ ٿيڻو پوندو. زين شاهه چيو ته، سنڌ حڪومت عوام جو پئسو لٽيو آهي، جيڪو واپس ڪرايو وڃي. ايس يو پي جي مرڪزي صدر چيو ته سنڌ جي ڏيڍ ڪڙوڙ کان وڌيڪ ماڻهن کي ٻوڙائڻ تي سنڌ سرڪار کي فوري طور استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. جڏهن ته پيادل مارچ رات ڪي اين شاهه ۾ ترسڻ بعد صبح جو ٻيهر منزل طرف روانو ٿيندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *