Friday , April 19 2024

ايس ايڇ او ڪشمور سميت 5 اهلڪارن تي ڪيس داخل

ڪشمور ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار ) چئن ڳوٺاڻن کي ناحق قيد ڪندڙ ايس ايڇ او ڪشمور ۽ سندس ساٿي اهلڪارن خلاف ڪيس داخل، پوليس پَٽي ڀائين کي گرفتار ڪرڻ کان لنوائڻ لڳي، ضمانت ڪرائڻ جي صلاح. عدالتي حڪم تي ڪشمور پوليس ساڳئي ئي ٿاڻي جي ايس ايڇ او اقتدار علي  جتوئي سميت پنجن اهلڪارن تي ايف آءِ آر داخل ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ چئن ڳوٺاڻن کي بنا جواز جي گرفتار ڪري ڪو به ڪيس داخلخ ڪرڻ کانسواءِ پَٽ فيڊر پوليس چوڪي ۾ قيد ڪري ڇڏيو هو، قدي بڻايل ڳوٺاڻن جي درخواست تي سيش جج جي عدالت مئجسٽريٽ کي هدايت ڪئي هئي ته ڳوٺاڻن کي بازياب ڪرايو وڃي، مجسٽريٽ اوچتو ڇاپو هڻي پوليس چوڪي مان چئني ڳوٺاڻن کي بازياب ڪرايو هو جن جي ٿاڻي توڙي چوڪي جي رڪارڊ ۾ ڪا به داخلا  ٿيل ئي نه هئي. جنهن تي عدالت ايس ايڇ او سميت ملوث پنج اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *